سنڌ

حيدرآباد پبلڪ اسڪول جي رٽائرڊ 30 ملازمن ۾ چيڪ ورهايا ويا

آ بي اي پبلڪ اسڪول حيدرآباد جي استادن ۽ ٻئي عملي ۾ گولڊن هينڊ شيڪ تحت رٽائرڊ ٿيل 30 ملازمن ۾ 30 ملين روپين جا چيڪ ورهائڻ جي تقريب ڪوٺائي وئي. تقريب ۾ ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد محمد عباس بلوچ، اڳوڻو سينيٽر عاجز ڌامراهه، ڊپٽي اٽارني جنرل پاڪستان محمد همايون خان ۽ پبلڪ اسڪول جي پرنسپل عمران احمد لاڙڪ رٽائرڊ ٿيل ملازمن ۾ 30 ملين جا چيڪ ورهايا. ڪمشنر محمد عباس بلوچ ڳالهائيندي چيو ته اسڪول جي بجيٽ گھٽ آهي ۽ هي پهريون اسڪول آهي جتي جي ملازمن کي گولڊن هينڊ شيڪ تحت چيڪ ڏنا پيا وڃن. پبلڪ اسڪول جي پرنسپال عمران احمد لاڙڪ چيو ته ٽيچنگ ۽ نان ٽيچنگ عملي جي 31 ڄڻن رضاڪاراڻا طور رٽائرمينٽ جون درخواستون ڏنيون هيون جن مان 30 ڄڻن جون درخواستون منظور ڪيون آهن جن کي 30 ملين روپين جا چيڪ ڏنا پيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button