نيويارڪ: عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمت ۾ وڏي گهٽتائي ٿي وئي. رپورٽن موجب عالمي مارڪيٽ ۾ برينٽ ڪچي تيل جي قيمت 7 ڊالر گهٽجڻ سان 105 ڊالر 94 سينٽ في بيرل ٿي وئي آهي. اهڙي ريت ڊبليو ٽي آءِ جي قيمت 6.1 سيڪڙو گهٽتائي کانپوءِ 103 ڊالر في بيرل ٿي وئي آهي. ان کانسواءِ عالمي مارڪيٽ ۾ قدرتي گئس جي قيمت ۾ به 12 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي، جنهن کانپوءِ ٽريڊنگ دوران گئس جي قيمت 7 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو جي سطح تي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close