کاڌو

يورپي يونين ماڪڙ کي خوراڪ جي لسٽ ۾ شامل ڪري ورتو

يورپي يونين فصلن کي تباهه ڪندڙ جيت ماڪڙ کي انسانن لاءِ منظور ٿيل خوارڪ جي لسٽ ۾ شامل ڪري ورتو آهي.

فرانسيسي خابرو اداري مطابق يورپ جي فوڊ سيفٽي اٿارٽي پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته ماڪڙ بابت ڪنهن قسم جا حفاظتي خدشا موجود ناهن، ان ۾ پروٽين جو وڌيڪ مقدار موجود آهي پر جن ماڻهن کي جهينگي يا ڪيڪڙي کائڻ سان ڪنهن قسم جي الرجي آهي انهن کي ماڪڙ کائڻ ۾ احتياط ڪرڻ گهرجي. هن ٻڌايو ته ماڪڙ جا پر ۽ ٽنگون هٽائي فروزن کاڌي طور مارڪيٽ ڪيو ويندو يا ان کي پائوڊر جي شڪل ۾ مهيا ڪري سگهجي ٿو.

واضح رهي ته اهو ٻيون ڀيرو آهي ته يورپي يونين ڪنهن به جيت کي انسانن جي کائڻ لاءِ محفوظ قرار ڏنو آهي، ان کان اڳ جون ۾ لاروا کائڻ جي اجازت ڏني وئي هئي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button