اسلام آبادپاڪستان

ڪرونا 11 ڄڻن جون حياتيون کسي ورتيون،263 نوان ڪيس ظاهر

اسلام آباد:)ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جي چوٿين لھر جي شدت گھٽجڻ لڳي، پاڪستان ڪرونا مريضن جي حوالي سان مرتب ڪيل فھرست ۾ 33 ھين نمبر تي اچي ويو. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جي انگ اکرن مطابق پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 263 نوان ڪيس سامھون آيا آھن، وڌيڪ 11 ماڻھو موذي وبا جي ڪري زندگي جي بازي ھارائي ويا، وبا مان وڌيڪ 487 مريض شفاياب ٿيا آھن، جڏھن تھ ڪيسن جي شرح 0 ڏھائي 77 سيڪڙو تي اچي وئي. سڄي پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس جا ھيستائين 28 ھزار 606 مريض فوت ٿي چڪا آھن، ھن موذي وائرس جي ڪل مريضن جو تعداد 12 لک 79 ھزار 636 ٿي چڪو آھي. سڄي ملڪ جي اسپتالن، قرنطينا سينٽرن، وينٽي لينٽرز ۽ گھرن ۾ ڪرونا وائرس جا 22 ھزار 855 مريض علاج ھيٺ آھن، جن مان ھڪ ھزار 114 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آھي. جڏھن تھ 12 لک 28 ھزار 175 مريض ھيستائين ھن بيماري مان شفاياب ٿي چڪا آھن، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ سڄي ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جا وڌيڪ 33 ھزار 767 ٽيسٽ ڪيا ويا. سڄي پاڪستان ۾ ھيستائين ڪل 11 ڪروڙ 83 لک 33 ھزار 360 ڪرونا ويڪسين جون خوراڪون ڏنيون ويون آھن، جڏھن تھ 4 ڪروڙ 78 لک 4 ھزار 912 ماڻھن جي مڪمل ويڪسينيشن ٿي چڪي آھي. سنڌ ۾ ڪرونا وائرس جي مريضن جو تعداد ٻين صوبن کان وڌيڪ 4 لک 73 ھزار 149 ٿي چڪو آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button