پاڪستانکاڌو

بک جي نئين لهر ۾ 43 ملڪن ۾ ساڍا 4 ڪروڙ ماڻهو متاثر، ڊبليو ايف پي خبردار ڪري ڇڏيو

ڪراچي: گڏيل قومن جي اداري ڊبليو ايف پي خبردار ڪيو آهي سڄي دنيا ۾ بک جي نئين لهر 43 ملڪن ۾ ساڍا 4 ڪروڙ ماڻهن کي ڏڪار جي ڪناري تي پهچائي ڇڏيو آهي، ورلڊ فوڊ پروگرام مطابق تڪرارن، موسمي تبديلي ۽ ڪرونا وائرس جي عالمي وبا سميت سڄي دنيا ۾ غربت ۽ بک ۾ اضافو ٿيو آهي، ورلڊ فوڊ پروگرام جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر مطابق تازن انگن اکرن مان پتو پوي ٿو ته هاڻي 4 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو بکون ڪٽڻ طرف وڃي رهيا آهن ۽ لکين ماڻهو غير يقيني واري صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهن.

هن ٻڌايو ته ٻارڙن جي قيمت وڌڻ سان خوراڪ جي قيمت به وڌي رهي آهي، ڀاڻ به مهانگو ٿي ويو آهي ۽ هي سڀ سبب نون بحرانن کي جنم ڏئي رهيا آهن هنن ٻڌايو ته سخت غذائي کوٽ کي منهن ڏيندڙ تباهه ڪندڙ آپشنز جي چوند ڪرڻ تي مجبور آهن جيئن ٻارڙن جون جلد شاديون ڪرڻ، کين اسڪول نه موڪلڻ يا ٻارڙن کي ڪيڪٽس، پن ۽ ٻيا جيت کارائڻ وغيره ورلڊ فوڊ پروگرام ٻڌايو ته افغانستان ۾ اهڙو بحران وڌي چڪو آهي جتي ماڻهو بک ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجن ٻارڙن کي وڪرو ڪرڻ تي مجبور ٿي پيا آهن.

ڊبليو ايف پي مطابق افغانستان ۾ سوڪهڙي ۽ معاشي بدحالي لکين ماڻهن کي تباهي ڏانهن ڌڪي ڇڏيو آهي، ۽ شام ۾ اٽڪل هڪ ڪروڙ 24 لک ماڻهو اهو نٿا ڄاڻن ته ايندڙ ويلي جو کاڌو ڪٿان ايندو ان کان سواءِ ايٿوپيا، هيٽي، سوماليا، ڪينيا، انگولا ۽ برونڊي ۾ به لکين ماڻهو بک جو شڪار آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button