پاڪستانپنجاب

گجرات ۾ پسند جي شادي ڪندڙ عورت عدالت ٻاهران قتل

گجرات: گجرات ۾ پسند ڪرڻو ڪندڙ عورت کي ڏينهن ڏٺي سيشن ڪورٽ ٻاهران قتل ڪيو ويو. پوليس موجب اڻڄاتل ماڻهن سيشن ڪورٽ ٻاهران گاڏي تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 22 ورهين جي منيبا مارجي وئي. منيبا جي وڪيل موجب مقتولا پسند پرڻو ڪيو هو ۽ عدالت ۾ بيان ڏيڻ آئي هئي. واقعي جي اطلاع تي ڪرائم سين يونٽ جي ٽيم پهچي سموريون شاهديون گڏ ڪيون ۽ پوليس ڪيس داخل ڪري جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button