سنڌ

پيروسڻ ڀرسان هٿياربندن جي گهر کي باهه، عورت اغوا

پيروسڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ دين پور ملاح ۾ الهورايو ملاح، اختيار حسين ملاح ۽ نظر محمد ملاح سميت 10 کان وڌيڪ هٿياربندن الطاف حسين ملاح جي گهر تي ڪاهھ ڪري باهه ڏئي ڇڏي، جڏهن ته ڀاتين تي تشدد بعد سندس گهر ۾ پناھه وٺندڙ عورت ظهيران ملاح کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويا، اهڙو اطلاع ٽنڊو مير علي چوڪي انچارج کي ڏنو ويو، جنهن بعد پوليس الهورايو ملاح جي پيءُ خير محمد ملاح کي گرفتار ڪري ورتو. ذريعن وٽان پڻ اھو معلوم ٿيو آھي ته ظھيران زال الهورايو ملاح ڏيڍ مهينو اڳ مڙس کان ٺري ميرواهھ جي عدالت ۾ طلاق وٺڻ لاءِ درخواست پڻ ڏني هئي، جنهن کي عدالت مان به اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي. ٻئي طرف گھرڌڻي الطاف حسين ٻڌايو ته جوابدارن گهر تي ڪاھه ڪري مون کي رسن سان ٻڌي گهرڀاتين تي تشدد ڪيو ۽ گهر کي باهه ڏئي مون وٽ پناهھ وٺندڙ عورت ظھيران ملاح کي اغوا ڪيو ويو آهي، اسان کي خدشو آهي ته عورت کي قتل ڪيو ويندو. هوڏانهن اغوا ڄاڻايل عورت جي مڙس الهورايو ملاح رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته پنهنجي زال کي وٺڻ لاءِ ويس ته الطاف حسين ملاح منھنجي زال ظھيران ملاح کي زبردستي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران جهيڙو ٿي پيو، اسان ڪابه فائرنگ نه ڪئي آهي، گهر کي باهه ڏيڻ جو ڪوڙو الزام هنيو ويو آهي. ايس ايڇ او پيروسڻ محمد رمضان ميراڻي ۽ ٽنڊو مير علي چوڪي اچارج امدا علي جاگيراڻي صحافين کي ٻڌايو ته زال مڙس وچ ۾ طلاق تان مسئلو ٿيو آھي، عورت جي بازيابي لا مختلف هنڌن تي چڙهايون ڪيون آهن، پر ڪاميابي نه ملي سگهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button