پاڪستانسنڌ

ڪوٽ غلام محمد ۾ اينٽي نارڪوٽيڪس پوليس جي چڙهائي، ڌرڻو

ڪوٽ غلام محمد: ڪوٽ غلام محمد ۾ اينٽي نارڪو ٽيڪس فورس حيدرآباد وڏي اٽالن سان انسپيڪٽر ھاشم جي اڳواڻي ۾ رات جو 3 وڳي ڌاري مڪراني پاڙي ۽ راجا يامين ھائوسنگ اسڪيم ۾ منصور بلوچ ۽ مقصود بلوچ جي گھرن تي ڇاپا هنيا، پوليس عورت اهلڪارن کانسوا گھرن ۾ داخل ٿي تلاشي ورتي، پر ڪابه شي نه ملي، اينٽي نارڪو ٽيڪس فورس جي اهلڪارن صحافين کي ڪوريج ڪرڻ کان روڪيندي ڌمڪيون ڏنيون. ٻئي طرف واقعي خلاف بلوچ برادري جا ماڻهو روڊن تي نڪري آيا، ماڻهن پريس ڪلب آڏو اينٽي نارڪو ٽيڪس پوليس زيادتي ۽ گهرن تي چڙهائي خلاف مقصود بلوچ، منصور بلوچ، نويد بلوچ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاھرو ڪري شاھه لطيف چوڪ تي مين روڊ تي ٽائرن کي باھيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو ھڻي ڇڏيو. هنن چيو ته صبح جو فجر مھل اينٽي نارڪو ٽيڪس پوليس حيدرآباد وڏن اٽالن سان گھرن جو گھيراءُ ڪري زبردستي گھرن ۾ گھڙي عورتن ۽ ٻارڙن کي سخت حراسان ڪيو. فورس پاران سموري گھرن جي تلاشي ورتي وئي، پر ڪجھه به نه مليو، پوليس بناجواز صبح سوير گھرن ۾ گھڙي نه صرف چادر چوديواري جو تقدس پائمال ڪيو، پر عورتن ۽ ٻارڙن کي حراسان به ڪيو. ھنن اعلى اختيارين کان گھر ڪئي ته واقعي جو نوٽيس وٺي اينٽي نارڪو ٽيڪس پوليس خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button