عالميکاڌو

خوراڪ انسان جو بنيادي حق آهي ، ان کي واپاري جنس نه سمجهو وڃي ، گڏيل قومن جو سيڪريٽري

گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتو گوتريس چيو آهي ته خوراڪ انسان جو بنيادي حق آهي. چيني خابرو اداري موجب گڏيل قومن جي اداري جي سربراهه گڏيل قومن جي فوڊ سسٽمز سمٽ جي موقعي تي چيو ته خوراڪ کي واپاري جنس نه سمجهو وڃي، پر اها انسانن جو بنيادي حق آهي.

هن وڌيڪ چيو ته روزانو ڪروڙين ماڻهو بک تي سمهندا آهن ۽ ڪيترائي ٻار بک سبب مري رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته دنيا ۾ 3 ارب ماڻهن کي صحت مند غذا ميسر ناهي ۽ 2 ارب ماڻهن جي وزن ۾ زيادتي ۽ 462 ملين ماڻهو گهٽ وزن وارا آهن. گڏيل قومن جي اعلى عهديدار حڪومتن ۽ ڪاروباري ادارن تي زور ڏنو ته اهي صحت مند غذا تائين رسائي وڌائڻ لاءِ ملي ڪم ڪن.

هن چيو ته اسان دنيا کي هڪ اهڙي جڳهه ٺاهڻ چاهيون ٿا جتي صحت مند غذا ۽ غذائيت سان ڀرپور خوراڪ دستاب هجي ۽ اسان کي خوراڪ جو اهڙو نظام .متعارف ڪرائڻ جي ضرورت آهي جيڪو سمورن ماڻهن جي صحت ۽ فلاح ۽ ڀلائي لاءِ سهڪاري هجي

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button