عالميغير درجه بندي

افغانستان ۾ موت ۽ هٿ ڪٽڻ جون سزائون ٻيهر لاڳو ڪيون وينديون: طالبان

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغان طالبان جي باني اڳواڻن مان هڪ ملا نور الدين ترابي چيو آهي ته افغانستان ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڏوهن تي موت جي سزا ۽ هٿ ڪٽڻ جي سزا جو دور موٽي ايندو پر ممڪن آهي ته هن ڀيري سر عام سزائون نه ڏنيون وڃن. آمريڪي خابرو اداري (اي پي) کي ڪابل ۾ ڏنل انٽرويو ۾ ملا نور الدين ترابي ماضي ۾ طالبان طرفان ڏنيون ويندڙ سزائن تي تنقيد کي رد ڪندي دنيا کي خبردار ڪيو ته اهي افغانستان جي نئين حڪمرانن جي معاملن ۾ مداخلت نه ڪن. هن چيو ته ڪير به اسان کي نه ٻڌائيندو ته اسان جا ڪهڙا قانون هجڻ گهرجن، اسان اسلام تي عمل ڪنداسين ۽ قرآن موجب پنهنجا قانون جوڙينداسين. ملا نورالدين ترابي موجب سيڪيورٽي جي لاءِ هٿ ڪٽڻ جهڙي سزا ضروري آهي ڇو ته ان جو واضح اثر هو. هن چيو ته ڪابينا عوامي سطح تي سزائون ڏيڻ واري معاملي تي غور ڪري رهي آهي جڏهن ته ان حوالي سان هڪ پاليسي جوڙي ويندي. انٽرويو ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته جيڪڏهن سزائون سري عام ڏنيون ويون ته ماڻهن کي فوٽو ڪڍڻ ۽ وڊيو ٺاهڻ جي به اجازت ڏني ويندي ته جيئن ٻيا ماڻهو ان مان عبرت حاصل ڪن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button