پاڪستانسنڌغير درجه بندي

لاڙڪاڻي ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ملازمن جو پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻو ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ملازمن جي ٻن گروپن 18 مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف الڳ الڳ احتجاج ڪيو. ان سلسلي ۾ ايل ڊي اي ملازمن ٻي ڏينهن به جناح باغ چوڪ وٽ قائم ڪيل احتجاجي ڪئمپ ۾ مظاهرو ڪرڻ بعد علامتي بک هڙتال ڪئي. ان موقعي تي عرفان شيخ، صدام شاهه، سلطان منگي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته گذريل 18 مهينن کان اسان کي پگهارون جاري نه پيون ڪيون وڃن، جنهن سبب گهرڀاتين سميت بک ۽ بدحالي جو شڪار آهيون. احتجاج بعد سنڌ حڪومت ملازمن جي پگهار جي سمري منظور ڪندي 15 ڪروڙ 10 لک بجيٽ جاري ڪئي، ان باجود صرف ٽن مهينن جون پگهارون ڏنيون ويون، رهيل 18 مهينن جي پگهارن لاءِ اسان ٻيهر احتجاج شروع ڪيو آهي. ٻي طرف ايل ڊي اي ملازمن جي ٻي گروپ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ممتاز علي لغاري، اختر سنديلو، مير خان جتوئي، شهباز پٺاڻ ۽ ٻين الزام لڳايو ته من پسند ملازمن کي ڇهن مهينن جون پگهارون ڏنيون ويون ۽ لکين روپيا ايل ڊي اي جي آفيسرن هڙپ ڪري ڇڏيا آهن، جيڪا وڏي ناانصافي آهي. ملازمن پ پ چيئرمين، وڏي وزير، مڪاني کاتي جي صوبائي وزير کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي اسان کي رهيل پگهارون جاري ڪري بک ۽ بدحالي کان بچايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button