خيبرپختونخواغير درجه بندي

نسوار جي قيمت وڌي وئي، موالين جا مٿي تي هٿ

پشاور (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڏينهون ڏينهن مهانگائي ٿيندي پئي وڃي جنهن سبب عوام تڪليفن کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ هاڻ وري نسوار جي قيمت ۾ به واڌ ڪئي وئي آهي. خيبرپختونخوا جي ضلعي لوئر دير ۾ نسوار جي قيمت ۾ واڌ ڪئي وئي آهي. دير ضلعي جي نسوار فروشن طرفان قيمتن ۾ واڌ بابت 50 رپين جي اسٽيمپ پيپر تي معاهدو ڪيو ويو جيڪو سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهيو آهي. وائرل معاهدي موجب تيمر گره، بلامبٽ مندا ۽ ٻين علائقن ۾ نسوار 23 سيپٽمبر کان 20 رپين جي هوندي. معاهدي ۾ چيو ويو آهي ته دير يا باجوڙ ۾ به نسوار انهيءَ فيصلي موجب وڪرو ڪئي ويندي. معاهدي موجب نسوار وڪرو ڪندڙن تي فيصلي تي عمل درآمد نه ڪرڻ جي صورت ۾ 50 هزار رپيا ڏنڊ لڳايو ويندو ۽ هڪ مهيني لاءِ دڪان به بند ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button