سنڌشوبز

هارمونيم تي مڌر سُر ڇيڙيندڙ استاد پير بخش مڱڻهار دل جي تڪليف ۾ مبتلا

هارمونيم تي مڌر سر ڇيڙيندڙ فنڪار استاد پير بخش مڱڻهار دل جي تڪليف ۾ مبتلا ٿيڻ ڪري گذريل 15 ڏينهن کان بستري تي پيل آهي. هن ثقافت کاتي کي ميار ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن آئون وڏو فنڪار هجان ها ته جلد پرگھور ٿي وڃي ها، زندگي جا 45 سال فن کي ارپيا آهن پر ثقافت کاتي بيماري ۾ ڪا پرگهور نه لڌي آهي. هن چيو ته جيڪڏهن اسان آهيون ته فنڪار سڀ ڪجهه آهي، اسان نه آهيون ته فنڪار ڪجهه به ناهي، منهنجي مدد ڪئي وڃي، مون وٽ مالي سگهه ناهي، سنڌ جو ڪو به اهڙو فنڪار ناهي جنهن سان گڏ مون فن جو مظاهرو نه ڪيو هجي، گلوڪارا فرزانا بهار، فائزا علي، حنا مارئي، شمع مارئي ۽ ٻيا منهنجا شاگرد آهن، اسان جو کاتو جيڪو چڙهيل هوندو آهي ان سان گڏ هوندو آهي، ڪرئي جو ڪير ناهي هوندو، مون سٺن سٺن فنڪارن جي خدمت ڪئي آهي جن ۾ استاد فتح علي خان، صنم مارئي شامل آهن. پير بخش مڱڻهار وڌيڪ چيو ته گذريل 15 ڏينهن کان منهنجو حيدرآباد مان علاج هلي رهيو آهي، مون 2 شاديون ڪيون آهن، جن مان 4 پٽ ۽ 2 نياڻيون آهن، اولاد به بيروزگار آهي ثقافت کاتو مالڪي ڪري ۽ منهنجي حياتي بچائي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button