سنڌ

ٺٽي جي ساحلي پٽي ۾ پاڻي جي بحران سوين ڳوٺ ويران ڪري ڇڏيا

ٺٽي ضلعي جي ساحلي پٽي ۾ لڌيا شاخ، ڄام واهه ۽ ڄام برانچ ۾ پاڻي جي کوٽ سبب هزارين ايڪڙ زمين بنجر بڻجي وئي آهي، انسان، جانور، جيوت ۽ پکي پکڻ به پيئڻ جي پاڻي لا سِڪي ويا آهن، پاڻي جي بحران ساحلي پٽي جي سوين ڳوٺن کي ويران ڪري ڇڏيو آهي، جتان هزارين ماڻهو پنهنجا گهر، روزگار ۽ زمينون ڇڏڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، سڄي علائقي جا جر به کارا ٿي ويا آهن. ان حوالي سان بنجر ٿيل شاخن جي پڇڙي جي زميندارن وحيد رند، ممتاز رند، عبدالمناف رند، حاجي قابل ھڱورو، مولوي اوڀايو رند، علم الدين، رمضان ڪاتيار، صوفن خاصخيلي ۽ ٻين آبادگارن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته شاخن ۾ سنڌو درياهه جي ڊائون اسٽريم مان پاڻي ڇوڙ ڪيو ويندو آهي پر منڍ جا آبادگار غير قانوني واهه، ڪٽ ۽ دڪا لڳائي شاخن جو پاڻي کڻي وڃن ٿا، جنهن جي نتيجي ۾ ساحلي پٽيءَ تائين پاڻي نٿو پهچي ۽ اسان جي هزارين ايڪڙ زمين بنجر بڻجي وئي آهي. هنن چيو ته شاخن ۾ پاڻي نه اچڻ ڪري اسان ڪوسٽل ايريا جا ماڻھو سخت پريشان آھيون، آبپاشي عملدارن جي ملي ڀڳت سبب منڍ جا زميندار ناجائز ڪٽ، اوور سائيز واٽر ڪورس ۽ غير قانوني شاخن تي دڪا لڳائي ويٺا آهن، اسان اهڙي ناانصافي خلاف ڪافي عرصي کان لاڳاپيل آفيسرن آڏو دانهيو آهي پر مسئلو حل نٿو ڪيو وڃي، هتان جي ماڻهن جو گذرسفر زراعت ۽ مڇي جي شڪار تي آهي، شاخن ۾ پاڻي نه اچڻ ڪري زراعت نٿي ٿئي ۽ سمنڊ جي چاڙهه سبب ماڻهو مڇي جو شڪار به نٿا ڪري سگهن، تنهن ڪري بک ۽ بدحالي ماڻهن جو مقدر بڻجي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button