سنڌ

12 ۽ 22 مئي تي قتل عام ڪندڙ دھشتگردن کي سخت سزائون ڏنيون وڃن:لال جروار

22 مئي محبت سنڌ ريلي جي شهيد عبدالستار انڙ جي يارهين ورسي عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي طرفان ڌانڌاري شهر ۾ ملهائي وئي. ان موقعي تي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو، علي محمد پرويز، ضلعي صدر مٺا خان لاشاري، اعتزاز گائينچو، نور نبي پليجو ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. اڳواڻن دانڌاري شهر کان شهيد عبدالستار انڙ جي مزار تائين ريلي ڪڍي ۽ مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي سلامي پيش ڪئي، جنهن بعد جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته شهيد عبدالستار انڙ، شهيد غزالا بتول صديقي، شهيد شبير بليدي ۽ ٻين شهيدن کي اسين سرخ سلام پيش ڪريون ٿا جن پنهنجي زندگي جا نذرانا ڏئي سنڌ خلاف ٿيندڙ سازشن کي ناڪام بڻايو، 12 مئي ۽ 22 جي قتل عام ۾ ملوث دھشتگردن کي سخت سزائون ڏئي بيگناهھ شھيد ڪيل ماڻھن جي خون سان انصاف ڪيو وڃي. هنن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت ايم ڪيو ايم جهڙي دهشتگرد جماعت جي فرمائش تي ڊجيٽل آدمشماري ڪرائي ملڪي سالميت کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. بوگس ڊجيٽل آدمشماري، سنڌي قوم کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ ۽ پرڏيهي دهشتگردن کي سنڌ ۽ ملڪ مٿان مسلط ڪرڻ جي سازش آھي، سنڌ جي عوام کي اقتداري پارٽين پٺيان لڳڻ ۽ انھن تي ڀاڙڻ بدران پنھنجي قومي وجود ۽ وسيلن کي بچائڻ لا متحد ۽ منظم ٿي پرامن جمھوري جدوجھد جاري رکڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button