اسلام آباد

ملڪ ۾ آئنده درآمدي ٻارڻ تي ڪوبه بجلي گهر نه لڳائڻ جو فيصلو

وفاقي گهرو وزارت جي سفارش تي 4 ڄڻن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ ۽ 5 نالا اي سي ايل مان خارج ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪابينا فيصلو ڪيو ته ملڪ ۾ آئنده درآمدي ٻارڻ تي ڪو به بجلي گهر نه لڳايو ويندو. وزيراعطم جو چوڻ هو ته 3 ڪلاڪن کان وڌيڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ برداشت نه ڪئي ويندي. ڪالهه وزيراعظم جي سربراهي ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، ذريعن موجب وفاقي ڪابينا 4 ڄڻن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جي منظوري ڏني، جڏهن ته 5 ڄڻن جا نالا اي سي ايل مان ڪڍيا ويا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪابينا 4 ڄڻن کي ٻاهر وڃڻ جي اجازت به ڏني آهي، ان کانسواءِ ٻن شخصيتن کي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي هڪ ڀيرو ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. ڪابينا اجلاس بعد مريم اورنگزيب ٻڌايو ته گذريل چئن سالن دوران ڪيترائي اهم منصوبا شروع ناهن ٿي سگهيا، ان ڪري اڄ اسان جي بجلي جي پيداوار متاثر آهي،صحافين کي بريفنگ ڏيندي بجلي واري وفاقي وزير خرم دستگير خان چيو تهڪابينا کي ٻڌايو ويو ته 2013ع کان 2018ع تائين مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ جيڪي منصوبا شروع ڪيا ويا هئا، انهن مان 4623 ميگاواٽ بجلي ايندڙ گرمي جي موسم کان اڳ سسٽم ۾ شامل ٿي ويندي. جڏهن ته سولر، نيٽ ميٽرنگ ۽ ٻين منصوبن سان مجموعي طور تي ايندڙ گرمي جي موسم تائين 7 هزار ميگاواٽ بجلي سسٽم ۾ شامل ٿيندي، جنهن سان لوڊشيڊنگ تي ضابطو آڻي سگهبو. هن چيو ته شمسي توانائي جي ٺوس پاليسي آندي پئي وڃي، ان سلسلي ۾ سرڪاري ۽ نجي عمارتن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، جڏهن ته ننڍي صارفين کي آسان قرضن تي سولر پينل فراهم ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button