اسلام آباد

سمنڊ پار پاڪستانين جي ووٽ بابت ترميم سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج

اڳوڻي وزيراعظم عمران خان سمنڊ پار پاڪستانين جي ووٽ بابت ترميم کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي. پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان طرفان داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته آئين تحت ووٽ ڏيڻ هر پاڪستاني جو بنيادي حق آهي، ان حوالي سان سپريم ڪورٽ، ها ڪورٽ جا ڪيترائي فيصلا موجود آهن، آئيني درخواست ذريعي موجوده حڪومت طرفان اليڪشن ايڪٽ 2017ع جي سيڪشن 94 (1) ۾ ڪيل ترميم کي چئلينج ڪيو ويو. حڪومت ان ترميم ذريعي پرڏيهي ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو فوري حق ڏيڻ بدران ضمني چونڊن جي لا پائليٽ پراجيڪٽ آڻڻ جو چيو آهي، حڪومتي ترميم سان پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني ايندڙ چونڊن ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪري نه سگهندا، ترميم ذريعي پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ووٽ جي حق لا اليڪشن ڪميشن جي ڪيل ڪوششن کي به ختم ڪيو ويو آهي، حڪومت طرفان ڪيل ترميم غيرآئيني، بنيادي حقن جي ابتڙ آهي، پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ووٽ جي حق جي حوالي سان عدالتي فيصلن تي سادي ترميم ذريعي ختم نه ٿو ڪري سگهجي. درخواست ۾ اپيل ڪئي وئي آهي ته سمنڊ پار پاڪستانين جي ووٽ لاءِ نادرا طريقيڪار جوڙي، اليڪشن ڪميشن ۽ ٻين کي سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ لاءِ سهولت ڏيڻ جو حڪم ڏنو وڃي. دخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته اليڪشن ڪميشن کي نادار کي فنڊز فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي ۽ سپريم ڪورٽ اليڪشن ايڪٽ ۾ ڪيل ترميم کي غير آئيني قرار ڏئي. درخواست ۾ وفاقي حڪومت، اليڪشن ڪميشن، قانون واري وزارت، پارلياماني معاملن واري وزارت، اووسيز پاڪستاني، پرڏيهي وزارت ۽ نادرا کي ڌر بڻايو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button