اسلام آباد

اين اي 240 ۾ ضمني چونڊن بابت رپورٽ غير تسلي جوڳي قرار، ڪارروائي جو حڪم

اليڪشن ڪميشن اين اي 240 ۾ ضمني چونڊن دوران بدامني بابت انڪوائري رپورٽ غير تسلي جوڳي قرار ڏيندي پرزائيڊنگ آفيسر خلاف قانون موجب ڪارروائي، رٽرننگ آفيسر ۽ ڊي آر او کي او ايس ڊي بڻائڻ جو حڪم ڏنو. پاڪ سرزمين پارٽي جي چيئرمين مصطفيٰ ڪمال کي طلب ڪري ورتو. چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ 5 رڪني بئنچ اين اي 240 ڪراچي ۾ ضمني چونڊن دوران بدامني بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ايس ايس پي فيصل بصير ڪميشن آڏو پوليس انڪوائري رپورٽ پيش ڪئي، لاڳاپيل پوليس آفيسر ڪميشن کي ٻڌايو ته بيلٽ پيپر کسيندڙ 5 ماڻهن جي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي، جن مان چئن کي گرفتار ڪيو ويو، ايس ايس پي ٻڌايو ته پنجين ماڻهو جو تعلق پي ايس پي سان آهي ان کي لڪايو ويو آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر پڇاڻو ڪيو ته ٻين چئن ماڻهن جو تعلق ڪنهن جماعت سان آهي، جنهن تي پوليس آفيسر ٻڌايو ته انهن جو تعلق به پي ايس پي سان آهي. رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو ته پوليس نفري جو انگ به مناسب نه هو ۽ اهي جٿي کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويا. جنهن سبب پرزائيڊنگ آفيسر به منجهي پيو هو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته جنهن شخص بيلٽ پيپر واپس ڪيا اهو اڻڄاتل آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر پڇاڻو ڪيو ته اصل ڪم ته اهو معلوم ڪرڻ هو ته بيلٽ پيپر ڪير واپس وٺي آيو، اليڪشن ڪميشن رٽرننگ آفيسر ۽ ڊي آر اوز جي رپورٽ تي عدم اطمينان ظاهر ڪندي پوليس جاچ ۽ انڪوائري ڪميٽي جي رپورٽ تي مصطفيٰ ڪمال کي ايندڙ ٻڌڻي تي گهرائي ورتو. ڪميشن پڇاڻو ڪيو ته ٻڌايو وڃي ته پي ايس پي خلاف ڇا ڪارروائي ٿي سگهي ٿي؟ چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته پرزائيڊنگ آفيسر کي ٻنهي رپورٽن جي ڪاپي فراهم ڪريو، لڳي ٿو ته هو هن معاملي ۾ ملوث هو، پرزائيڊنگ آفيسر کان انهن رپورٽن تي جواب وٺو پوءِ فيصلو ڪنداسين چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته ڪميشن رٽرننگ آفيسر ۽ ڊي آر او کان مطمئن نه آهي، ٻنهي آفيسرن کي او ايس ڊي بڻايو وڃي، جيڪڏهن اهڙيون حالتون رهيون ته آئي جي کي به تبديل ڪري سگهجي ٿو، آئي جي کي به وارننگ پهچايو، جنهن کان پوءِ ٻڌڻي 7 جولاءِ تائين ملتوي ڪئي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button