اسلام آباد

ادارن جي خلاف مهم جي ماسٽر مائنڊ بشريٰ بي بي آهي: مريم اورنگزيب

اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته فواد چوڌري ۽ شيرين مزاري بشريٰ بي بي کي غداري جا سرٽيفڪيٽ ۽ ادارن جي خلاف مهم جو ماسٽر مائنڊ هجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، بشريٰ بيبي پاڪستان تحريڪ انصاف جي سوشل ميڊيا ۽ ڪوڙي بيانيي جي سربراهه آهي، فواد چوڌري ۽ شيرين مزاري تسليم ڪيو آهي ته آڊيو بشريٰ بي بي جي آهي ۽ سياسي مخالفن کي غداري ساان لنڪ ڪرڻ بشريٰ بي بي جو رايو آهي. ڪالهه سومر ڏينهن پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته ادارن خلاف مهم بشريٰ بي بي هلائي رهي آهي، ثابت ٿي ويو آهي ته گندي زبان وارن ترجمانن کان غيراخلاقي پريس ڪانفرنس بشريٰ بي بي ڪرائي رهي آهي. هن چيو ته بشريٰ بي بي بني گالا ۾ لڪي غداري، ٻاهرئين سازش جي بيانيي، قومي ادارن جي خلاف سوشل ميڊيا مهم هلائي رهي آهي. هن چيو ته سياسي مخالفن کي غداري سان لنڪ ڪرڻ ۽ گارگند جي اڳيان پٺيان بشريٰ بي بي آهي. هن چيو ته ادارن جي خلاف مهم جي ماسٽر مائنڊ بشريٰ بي بي آهي، بشريٰ بي بي پنهنجي تاريخي ڪرپشن لڪائڻ جي لاءِ ٻاهرئين سازش ۽ غداري جو بيانيو گهڙيو، بشريٰ بي بي سياسي مخالفن، صحافين ۽ ادارن جي خلاف گارگند ڪرائي ٿي. مريم اورنگزيب چيو ته پي ٽي آءِ تسليم ڪري ڇڏيو آهي ته پنهنجي ڪرپشن لڪائڻ جي لاءِ غداري جا پرچا ڪٽرايا. ٻاهرئين ملڪ سازش جي ڪوڙي بيانيي جا چيمپئن آمريڪا کان معافيون گهرندي ۽ منٿون ڪندي پڪڙيا ويا آهن. هن چيو ته عمران صاحب معافي ناما آمريڪا پهچائي رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button