اسلام آباد

ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جا وڌيڪ 675 ڪيس رپورٽ

ملڪ ۾ ڪرونا ڪيسن ۾ لاڳيتو واڌ ٿيڻ لڳي، گذريل ڏينهن ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا، وڌيڪ 675 ڪيس رپورٽ ٿيا. صحت واري قومي اداري موجب گذريل هڪ ڏينهن ۾ ڪرونا جون 14 هزار 632 ٽيسٽون ڪيون ويون جنهن مان 675 ڪيس پازيٽو آيا. سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ 478 ڪيس رپورٽ ٿيا پنجاب ۾ 86، اسلام آباد 42، خيبرپختونخوا 30 ۽ بلوچستان ۾ 7 ڪيس رپورٽ ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 2 فوتگيون سنڌ ۾ رپورٽ ٿيون، هن وقت ملڪ ۾ 153 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، ملڪ ۾ هاڪاري ڪيسن جي شرح 4 ڏهائي 61 سيڪڙو رهي، ڪراچي 20 ڏهائي 61 هاڪاري شرح سان پهرين نمبر تي آهي، ايبٽ آباد 5 ڏهائي 88، گلگت 4 ڏهائي 76، پشاور 4 ڏهائي 51 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ ڪرونا جي هاڪاري شرح 3 ڏهائي 48 رڪارڊ ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button