اسلام آباد

بشريٰ بيبي جي فون ٽيپنگ جي فارينزڪ ٽيسٽ ڪرائي وڃي: تحريڪ انصاف

پاڪستان تحريڪ انصاف عمران خان جي زال بشريٰ بيبي جي فون ٽيپنگ جي فارينزڪ ٽيسٽ ڪرائڻ جي گهر ڪندي چيو ته عمران خان جي زال بشريٰ بيبي جي فون ٽيپنگ فارينزڪ کان پوءِ پتو پوندو ته اصلي يا نقلي آهي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي مطابق فون ٽيپنگ غيرقانوني آهي. ڪالهه سومر ڏينهن تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ڊاڪٽر شيرين مزاري، اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اصل مسئلو فون ٽيپنگ جو آهي، فون ٽيپنگ آئين جي ڀڃڪڙي آهي، 1997ع ۾ بينظير حڪومت کي فون ٽيپنگ تي ڪيرايو ويو، 2015ع تي چيف جسٽس ثاقب نثار به ڪيس ٻڌو، ان وقت آئي ايس آئي 70 هزار کان وڌيڪ فون ٽيپنگ جو اعتراف ڪيو، فون ٽيپس ڳجها ادارا ڪن ٿا ڇو ته انهن وٽ وسيلا آهن، سپريم ڪورٽ کي فون ٽيپنگ تي نوٽيس وٺڻ گهرجي. هن چيو ته هڪ صحافي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ ان وقت جي پرنسپل سيڪريٽري اعظم خان وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جي رڪارڊنگ سامهون اچڻ جو چئي ڇڏيو، ان کي پبلڪ ڪيو ويو ته هي آفيشل پبلڪ سيڪريٽ ايڪٽ جي ڀڃڪڙي آهي، هي سڀ آمريڪي سازش کي سامهون آڻڻ تي ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته جن تي پاڪستان جي دفاع جي ذميواري آهي اهي هن بحران کي اڳتي ڇو وڌڻ ڏئي رهيا آهن؟ مريم نواز کي ڪهڙي حيثيت ۾ آفيشل ڊاڪيومينٽس ڏيکاريو پيو وڃي. امپورٽيڊ حڪومت کي عمران خان خلاف ڪجهه هٿ نه آيو ته ان جي خاندان جي حوالي سان شيون سامهون آنديون پيون وڃن، هي ڪنهن عام شهري جي نه ان وقت جي وزيراعظم جي ڳالهه ٻولهه جي ٽيپنگ ڪئي. هن چيو ته جنهن جنهن رجيم چئلينج لاءِ ڪردار ادا ڪيو اهي سڀ بي نقاب ٿيندا، امپورٽيڊ حڪومت آمريڪا کي چيو جيڪو اوهان چوندا اسان ڪنداسين. فواد چوڌري چيو ته پاڪستان ۾لاڳيتو فون ٽيپ ڪري ليڪ ڪيا پيا وڃن. فرح بي بي تي به الزام مڙهيا پيا وڃن، اوهان فرح بي بي تي ڪيس ڪريو ته جيئن اها جواب ڏئي، ڪيس ئي داخل نه ٿيو ته وارنٽ ڪيئن جاري ٿي سگهي ٿو؟ جتي فرح بي بي کي هڪ پلاٽ مليو اتي اياز صادق کي ٻه پلاٽ مليا ڇا اياز صادق فرح بي بي جو پارٽنر آهي؟ هن چيو ته لوڊشيڊنگ وڌندي پئي وڃي ڇو ته حڪومت وٽ تيل گهرائڻ جا پئسا نه آهن، چيو پيو وڃي ته عيد تي به لوڊشيڊنگ ٿيندي، هن بنا دير آئي ايم ايف جا سمورا شرط مڃي ورتا پر پوءِ پئڪيج نه پيو ملي. هنن نيب ترميمون ڪري 1100 ارب جو اين آر او ٽو ورتو، 5 هزار ڪروڙ اومني گروپ ۾ آصف زرداري کي اين آر او ٽو ڏنو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button