پاڪستانسنڌ

حيدرآباد ۾ پيرسن ڳلو ڪپي قتل، لاش قبرستان مان مليو

حيدرآباد: حيدرآباد ۾ پيرسن ڳلو ڪپي قتل، لاش قبرستان مان مليو. قتل جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو، هوسڙي واهه مان به 40 ورهين جي شخص جو لاش مليو. خبر موجب حيدرآباد جي لطيف آباد يونٽ نمبر 9 جي قبرستان مان 65 ورهين جي پيرسن محمد اڪرم جو ڳلو ڪپيل لاش مليو. اطلاع ملڻ تي ايڌي رضاڪارن ۽ پوليس پهچي لاش سول اسپتال پهچايو، قانوني ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.

پوليس ٻڌايو ته پيرسن قبرستان ۾ ئي رهندو هو، قتل واقعي جي جاچ ڪريون پيا، قتل واقعي جو رات دير تائين ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو، ٻئي طرف حيدرآباد ويجهو هوسڙي واهه مان 40 ورهين جو نامعلوم شخص جو لاش مليو. پوليس ايڌي جي مدد سان لاش سول اسپتال پهچايو، لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button