اسلام آباد

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ لاپتا ڪيس ۾ وزيراعظم کي طلب ڪري ورتو

چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس اطهر من الله، مدثر نارو سميت 6 گم ٿيل شهرين جي عدم بازيابي تي وزيراعظم کي آئنده ٻڌڻي تي طلب ڪري ورتو آهي. اسلام آباد ها ڪورٽ ۾ چيف جسٽس اطهر من الله ڪيس جو 9 صفحن تي مشتمل لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ چيو ويو ته وزيراعظم عدالت ۾ پيش ٿي آئين ۾ ڏنل ذميوارين کي پورو ڪرڻ ۾ ناڪامي جو سبب ٻڌائي. فيصلي موجب وزيراعظم ٻڌائي ته جبري گمشدگي واري غيرانساني فعل ۾ ملوث سرڪاري اهلڪارن خلاف ڪهڙو ايڪشن ورتو ويو؟ حڪمنامي موجب وزيراعظم جي پيشي جو وقت 9 سيپٽمبر صبح ساڍا 10 وڳي هوندو. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏيندي چيو ته پوليس ڪهڙو ڪم پئي ڪري، اها حقيقت آهي ته ڪير به ڪم نٿو ڪري. عدالت پڇاڻو ڪيو ته هن وقت ڪيترا شهري گم آهن؟ ٻڌڻي دوران ڊپٽي اٽارني جنرل آگاهي ڏيندي چيو ته رپورٽ موجب 8 هزار 400 شهرين مان 600 اڃا گم آهن، ڪيئي ماڻهو هن ڪيس ۾ ڊبل رول ادا ڪري رهيا آهن، جيڪي هيڏانهن به آهن هوڏانهن به آهن. ڊپٽي اٽارني جنرل جي جواب تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ايتري پوليس کي ڀرتي ڪيو ويو آهي، انهن جو ڪم ڪهڙو آهي؟ چيف جسٽس اطهر من الله گم ٿيل شهرين کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته جيڪڏهن حڪومت لاپتا ماڻهن جي ڪيس ۾ قدم نه ٿي کڻي ته 9 سيپٽمبر تي وزيراعظم پيش ٿئي، جنهن تي ڊپٽي اٽارني جنرل خاطري ڪرائي ته عدالت کي رياست جو ردعمل نظر ايندو. لاپتا ماڻهن جي گهرڀاتين طرفان داخل متفرق درخواست سان گڏ گهرو وزير راڻا ثنا الله ۽ وفاقي وزير رياض پيرزاده جي انٽرويوز جو ٽرانسڪرپٽ به شامل ڪيو ويو، جنهن ۾ وزيرن لاپتا ماڻهن بابت اهم نقطن تي ڳالهايو هو. شنوائي دوران لاپتا ماڻهن طرفان وڪيل انعام الرحيم، ايمان مزاري ۽ ٻيا جڏهن ته ڊپٽي اٽارني جنرل ارشد محمود ڪياني به عدالت ۾ پيش ٿيا،عدالت چيو ته جيڪڏهن ڪلڀوشن ياديو جي خاندان سان گڏجاڻي ڪرائي سگهجي ٿي ته لاپتا ماڻهن جي خاندانن سان ائين ڇو نه ٿو ڪيو وڃي؟ چيف جسٽس آمنه مسعود جنجوعه کان پڇاڻو ڪيوته ڇا توهان کي ڪميٽي گهرايو آهي؟ جنهن تي هن جواب ڏنو ته مان خط به لکيو آهي پر ڪميٽي ناهي گهرايو. ان دوران فرحت الله بابر عدالت کي ٻڌايو ته ايترن ماڻهن کي کنڀيو ويو آهي، اڃا تائين پتو ناهي پيو کين کنڀڻ وارو ڪير آهي؟ 2019ع ۾ آ ايس پي آر چيو هو ته سمورا لاپتا ماڻهو نه پر ڪجهه اسان وٽ آهن، اسان هڪ سيل ٺاهينداسين.چيف جسٽس چيو ته هٿياربندن فوج جو اسان جي نظرن ۾ وقار آهي، جيڪڏهن هو ملوث آهن ته انهن کي به جوابدهه هئڻ گهرجي. عدالت توهان کي ڪجهه وقت ڏئي رهي آهي، جيڪڏهن ڪجهه نه ٿيو ته پو چيف ايگزيڪٽو کي گهرايو ويندو. جنهن بعد عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 9 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button