اسلام آبادپنجاب

حليم عادل جي گرفتاري غيرقانوني قرار، آزادي جو حڪم

لاهور هاءِ ڪورٽ سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ جي گرفتاري غيرقانوني قرار ڏيندي فوري آزادي جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ جي بازيابي بابت درخواست جي شنوائي ڪندي گرفتاري کي غيرقانوني قرار ڏنو. عدالت محفوظ ٿيل فيصلي ۾ چيو ته اينٽي ڪرپشن گرفتاري جو ڪوبه ليٽر پيش نه ڪيو، ان ڪري حليم عادل کي آزاد ڪيو وڃي، عدالتي حڪم تي اختياري حليم عادل کي لڳل هٿڪڙيون عدالتي ڪمري ۾ کولي ڇڏيون. لاهور ها ءِ ڪورٽ گرفتاري جي خدشي سبب حليم عادل جي 18 جولا تائين حفاظتي ضمانت به منظور ڪري ورتي آهي. ان کان اڳ لاهور ها ڪورٽ جي جسٽس علي باقر نجفي حليم عادل شيخ جي بازيابي بابت درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو هو، شنوائي دوران جسٽس علي باقر نجفي ٻڌايو ته اسان کي ڪوبه اهڙو دستاويز ناهي مليو، جنهن مان گرفتاري قانوني ثابت ٿئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button