اسلام آبادبلوچستان

بلوچستان ۾ برساتن تباهي مچائي ڇڏي، وڌيڪ 13 فوت

بلوچستان ۾ مون سون برساتن تباهي مچائي ڇڏي، پاڻي ۾ لڙهي وڃڻ ۽ ڪچا گهر ڊهڻ سبب فوت ٿيلن جو انگ 37 ٿي ويو، جاني ۽ مالي نقصان بعد بلوچستان حڪومت ڪوئٽا کي آفت سٽيل قرار ڏئي ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي. بلوچستان جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ ٻئي ڏينهن به مون سون برساتن جو سلسلو جاري رهيو، طوفاني برساتن سبب صوبي جي ندين ۾ ٻوڏ واري صورتحال آهي، 24 ڪلاڪن دوران ڪوئيٽا سميت صوبي جي مختلف علائقن ۾ ٻوڏ سبب ڪيترن جي جاين جون ڇتيون ۽ ڀتيون ڪري پيو، پاڻي ۾ لڙهي وڃڻ ۽ ٻڏي وڃڻ جي واقعن ۾ 13 ڄڻا فوت ۽ 20 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن. بلوچستان ۾ ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي موجب برساتن سبب قلعه سيف الله، زوب، پشين، هرنائي ضلعا سڀني کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن، جڏهن ته مسلم باغ، قمر الدين ۽ خشنوب ۾ ٻوڏ واري صورتحال آهي، خشنوب ۾ ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ ٻوڏ وارو پاڻي داخل ٿي ويو، خشنوب ۾ رابطا پل پڻ ٻوڏ جي وهڪري ۾ لڙهي وئي. اسسٽنٽ ڪمشنر موجب مسلم باغ سول اسپتال جي وارڊز ۽ ايمرجنسي ۾ پاڻي ڀرجي ويو آهي، جڏهن ته مسلم باغ جي جابلو علائقن ۾ برسات سبب 100 کان وڌيڪ گهرن کي نقصان پهتو آهي، ان کان علاوه مهترزئي، لوئي بند ۽ راغه سلطان زئي ۾ به روڊ ٻوڏ جي وهڪري ۾ لڙهي ويو آهي. چمن انتظاميا موجب بادي زئي ۽ تورخيل ۾ ٻوڏ سبب 70 کان وڌيڪ گهر متاثر ٿيا، طوفاني برساتن سبب هرنائي-پنجاب-لورالائي شاهراهه آمدورفت لا بند ڪئي وئي آهي. ليويز اختيارين موجب افغاني سرحدي علائقي قمر الدين ۾ والين ڊيم جو هڪ حصو ٽٽڻ سبب ڊيم جو پاڻي هيٺين وارن علائقن ۾ داخل ٿيو ۽ 11 گهر لڙهي ويا. قمر الدين جي متاثرن کي محفوظ هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته لورالائي جي پٺاڻ ڪوٽ ندي مان 2 ٻارن جا لاش مليا آهن، ليويز اهلڪارن موجب ٻئي ٻار رات ٻوڏ جي پاڻي ۾ لڙهي آيا هئا. قلعه سيف الله ۾ خنسوب جي علائقي ۾ 4 ڄڻا ٻوڏ جي پاڻي ۾ لڙهي ويا، پي ڊي ايم اي اهلڪارن 4 ڄڻا جا لاش ڪڍي ورتا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button