اسلام آباد

بلاول ڀٽو ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير ۾ رابطو، لاڳاپا وڌائڻ جو فيصلو

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير انيٽوني بلنڪن ۾ ٽيليفون تي رابطو ٿيو آهي. آمريڪي سيڪريٽري آف اسٽيٽ بلاول ڀٽو سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو، جنهن جي تصديق پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڪئي. بلاول ڀٽو ٽوئٽر تي لکيو ته اڄ آمريڪي سيڪريٽري آف اسٽيٽ اينٽوني بلنڪن سان ڳالهايو آهي، ٻه طرفي لاڳاپن جا 7 سال مڪمل ٿيڻ تي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لا ٻه طرفي رابطن ۾ توسيع جو فيصلو ڪيو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ٻه طرفي لاڳاپن جي مضبوطي جي لا واپار، توانائي، صحت ۽ سيڪيورٽي جي شعبن ۾ رابطن ۾ توسيع ڪئي ويندي، اسان کي پنهنجي عوامي سطح جي ۽ بزنس ٽو بزنس رابطن کي فروغ ڏيڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button