پنجاب

مخالف ايمپائرن کي پاڻ سان ملائڻ باوجود کٽي نه ٿا سگهن: عمران خان

پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پنجاب جي 20 ضلعن ۾ رٿيل ننڍي چونڊ بابت چيو آهي ته مخالف جيڪڏهن ايمپائرن کي به پاڻ سان ملائي وٺن تڏهن به نٿا کٽي سگهن، چونڊن واري ڏينهن مونکي هر پولنگ تي 10، 10 نوجوان کپن. چيچه وطني ۾ جلسي کي خطاب دوران عمران خان چيو ته اليڪشن ڪميشن لوٽن کي کٽرائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، اسان کين ڌانڌلي نه ڪرڻ ڏينداسين، 17 جولاءِ تي ضمني چونڊن ۾ پنجاب ۾ 20 مان 20 ئي سيٽون کٽينداسين.هن پنجاب جي وڏي وزير کي مطاطب ڪندي چيو ته حمزا ٻڌ وٺ! تون ۽ تنهنجي خاندان هڪ به ڪم ايمانداري سان ناهي ڪيو، توهان سڄي زندگي ڪرپشن ذريعي پسئو ٺاهيو آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته اسان جي حڪومتي دور ۾ صنعتي ترقي ڪئي ۽ هارين کي سڀ کان وڌيڪ فائدو ٿيو، هاڻوڪي حڪومت پرڏيهي سازش تحت اسان تي مڙهي وئي، هاڻوڪن حڪمرانن مهانگائي آسمان تي ۽ معيشت زمين تي ڪيرائي ڇڏي آهي. هن چيو ته موجوده حڪومت به نامنظور ۽ سندن لوٽا به نامنظور، هاڻي اليڪشن ڪميشن بي ضمير ٿي وئي آهي، مخالفن سان ملي ڌانڌلي ڪري رهي آهي، قوم لوٽن کي سڃاڻي ورتو آهي ۽ مولانا فضل الرحمان کي به سمجهي چڪي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button