اسلام آبادپاڪستان

غيرضروري شين جي درآمد تي پابندي بابت نظرثاني ڪريون پيا:مريم اورنگزيب

اسلام آباد:سڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم جو سمورو ڌيان لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ سان گڏ عوام کي رليف ڏيڻ ۽ معيشت تي ٺيڪ ڪرڻ تي آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران مريم اورنگزيب چيو ته اسان ماضي ۾ 18 ڪلاڪن تائين ٿيندڙ لوڊشيڊنگ کي ٻڙي ڪيو آهي. اڃا به شهباز شريف جو ڌيان لوڊشيڊنگ ۽ انرجي تي آهي. وزيراعظم واعدو ڪيو آهي ته رليف به ڏينداسين، روزگار به ۽ معيشت به ٺيڪ ڪنداسين. هن چيو ته لگزري ۽ غيرضروري شين جي درآمد تي پابندي بابت نظرثاني ڪئي پئي وڃي. ڪجهه شيون شامل ڪري شيون ڪڍڻيون پونديون جنهن باضابطا اعلان ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button