اسلام آبادپاڪستان

عمران اسان تي ڪوڙا ڪيس ڪيا،هاڻ سچن کي منهن ڏي:گهرو وزير

اسلام آباد :وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته عمران خان کي حوصلو ڪرڻ کپي،هن اسان تي ڪوڙا ڪيس ڪيا، هاڻي سچن ڪيسن کي منهن ڏئي. ڪالهه اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران اڳوڻي وزيراعظم طرفان حڪومت تي الزامن بابت سوال تي وفاقي وزير چيو ته اِها ڪهڙي ڀت آهي جنهن سان عمران خان کي لڳايو پيو وڃي. عمران خان ڏاڍي مزي سان بني گالا ۾ ويٺو آهي، ڇا عمران خان کان ڪرپشن جي ڪيسن بابت پڇڻ هراساني آهي؟ راڻا ثناءَ الله چيو ته عمران خان هنيئر تائين توشا خاني جي تحفن جو جواب ناهي ڏنو، اُهو ڪٿي آهي جنهن هن شخص کي صادق ۽ امين قرار ڏنو هو، قانون سندن ڌمڪين کان ڊڄڻ وارو ناهي. وفاقي وزير سوالَ اُٿاريندي چيو ته ڇا توهان کي جيل ۾ بند ڪري توهان جو دوائون بند ڪيون ويون آهن؟ اوهان کي ڪهڙي

راڻا ثناءُ الله چيو ته توهان مخالفن خلاف ڪارروائيون ڪندا آهيون، توهان ٻه سئو چاليهه ڪنال زمين فرح جي نالي تي حاصل ڪئي، توهان کي سمورن سوالن جا جواب ڏيڻ گهرجن، عمران خان جيڪڏهن ٻڌائڻ چاهي ٿو ته اهو ٻڌائي ته 2014ع وارو ڌرڻو ڪنهن هڻايو هو؟ هن چيو ته فرح گوگي ملڪ ۾ ڦر لٽ ڪئي، سندس خلاف رڳو انڪوائري ٿي رهي آهي، پنجاب ۾ رڳو 5 سيڪڙو سي ايم هائوس ڏانهن ويندو هو، باقي بني گالا تائين ويندو، توشا خاني ۾ پنجاهه ارب رپين جي گهوٻيون هنيون ويون، جيڪي سوال ا بشير ميمڻ ُٿاريا انهن جا جواب به ڏيو، مقررين ۽ بدلين تي پاڻمرادو نوٽيس ورتو ويندو آهي، منهنجي معاملي تي به پاڻ مرادو نوٽيس ورتو وڃي. راڻا ثناءُ الله چيو ته بني گالا مان هيروئن وارو بيگ پهريان اڪبر شهزاد ذريعي آءِ جي اسلام آباد کي ڏنو، جنهن جي انڪار تي اي اين ايف ذريعي منهنجي گاڏي ۾ هيروئن رکرائي وئي، منهنجي ڪيس عمران خان ٺهرايو جنهن جي سزا موت هئي. وفاقي گھرو وزير چيو تھ عمران خان پوري قوم لاءِ جعلي بدمعاش بڻيل هو، لانگ مارچ واري ڏينهن ٻن کان اڍائي هزار شر پسندن کي ڊي چوڪ تي قبضي ڪرڻ لاءِ گهرايو ويو هو. ٻار ۽ عورتون نه آيون هيون، جيڪڏهن اچن ها ته اسان لاءِ اهو آپريشن ممڪن نه هجي ها. عمران خان ٻڌائي ته هن کي اقتدار کپي يا اين آر او؟ اسلام آباد ۾ شرپسندن خلاف ٽيئر گئس ۽ رٻڙ جون گوليون فائر ڪرڻ وقت فيمليز موجود نه هيون. هن چيو ته عمران خان چوي ٿو ته ملڪ چين ۽ سعودي عرب وارو نظام هجي، مان پنج سئو ماڻهن کي ڦاهي چاڙهي ڇڏيان، عمران خان جي گهر واري غداريءَ جو بيانيو تيار ڪري رهي آهي. گهرو وزير چيو ته عمران خان پاڻ مخالفن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائيندو رهيو آهي، هاڻي ٿورو حوصلو ڪري سچن ڪيسز کي به منهن ڏئي. عمران خان پندرنهن ڪروڙ رپين جون گهڙيون توشا خاني مان کنيو ۽ ويهه سيڪڙو ڏئي پنهنجي نالي ڪيون. راڻا ثناءُ الله وڌيڪ چيو آھي ته پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان ( ٽي ٽي پي ) سان ڳالهيون پري ڊائيلاگ مرحلي تي آهن. سمورين سياسي پارٽيز چيو آهي ته ٽي ٽي پي سان ڳالهيون ٿيڻ گهرجن.
گهرو وزير جو چوڻ هو ته عسڪري قيادت چيو آهي ته هڪ ڪميٽي جوڙي وڃي، جنهن ۾ سمورين سياسي پارٽين جي نمائندگي هجي، ان عمل جي سياسي قيادت ۽ پارليامينٽ حمايت ڪئي.
گهرو وزير

تڪليف آهي؟ ڊي چوڪ تي ڌرڻي جي اجازت نه ڏني، اها پريشاني آهي؟ ڇا عمران خان جي ڀيڻ، ڌيءَ کي گرفتار ڪيو ويو آهي؟

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button