اسلام آبادبلوچستانپاڪستان

وزيراعظم جو گوادر بريڪ واٽر رٿا ۾ دير جي انڪوائري جو حڪم

اسلام آباد : وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته اڄوڪي اجلاس ۾ مان گوادر بريڪ واٽر پراجيڪٽ ۾ مجرماڻي دير جي انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم چيو ته پي ٽي آئي حڪومت پاران 445 ملين ڊالر جي گرانٽ، 484 ملين ڊالر جو آسان قرض ۽ فزيبلٽي هجڻ باوجود گوادر بريڪ واٽر پراجيڪٽ کي نظرانداز ڪرڻ حيران ڪندڙ آهي. هن چيو ته توانائي کان وٺي انفرااسٽريڪچر تائين سمورا منصوبا پي ٽي آئي حڪومت پاران دير جي ڪري ملڪ کي مهانگا پيا. وزيراعظم چيو ته هاڻي ڏيکارڻ جو نه پر عملي طور تي ڪم ڪرڻ جو وقت آهي. هن چيو ته گوادر ۾ رڳو بنيادي ڍانچي جي ترقي جو معاملو نه آهي پر سي پيڪ جو حصو هجڻ جي ڪري ان جي سياسي، اقتصادي ۽ اسٽريٽجڪ اهميت غير معمولي آهي. وزيراعظم چيو ته بلوچستان جي بدحالي کي خوشحالي ۾ تبديل ڪرڻ اسان جي گڏيل ذميواري ۽ منهنجو مشن آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button