اسلام آبادپاڪستان

بلاول ڀٽو کي آمريڪي پرڏيهي وزير انٿوني بلنڪن جي ٽيليفون

اسلام آباد :پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي آمريڪي پرڏيهي وزير انٿوني بلنڪن ڪالهه اربع ڏينهن ٽيليفون ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير پنهنجي آمريڪي هم منصب سان ڳالهه ٻولهه ڪندي سفارتي لاڳاپن جي 75 سال مڪمل ٿيڻ تي پاڪ آمريڪا لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ گڏيل عزم کي ورجايو. هن چيو ته اعليٰ سطح جي دورن جي لاڳيتي مٽاسٽا جا منتظر آهيون. هن پاڪستاني شهرين جي لاءِ ويزا جاري ڪرڻ ۾ آساني پيدا ڪرڻ جي درخواست ڪئي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري آمريڪا جي خصوصي نمائندي دلاور سيد جي پاڪستان جي جاري دوري کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪ آمريڪا واپاري لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ توانائي، صحت، سلامتي ۽ اقتصادي ترقي ۾ گڏيل تعاون کي ورجايو. هن انساني بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ طالبان حڪومت سان مسلسل رابطي جي ضرورت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button