اسلام آباد

ايڪنڪ حيدرآباد سکر موٽروي جي تعمير جي منظوري ڏئي ڇڏي

قومي اقتصادي ڪائونسل 308 ارب 19 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ماليت جي حيدرآباد سکر موٽروي جي تعمير جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ايڪنڪ بلٽ آپريٽ ٽرانسفر (بي او ٽي) جي بنياد تي چئني صوبن ۾ به اربين رپين جي ماليت جي ترقياتي منصوبن جي منظوري ڏئي ڇڏي. ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل جي صدارت هيٺ ايڪنڪ جي اجلاس ۾ حيدرآباد-سکر موٽر وي جي تعمير جي منصوبي بابت شرڪت ڪندڙن کي آگاهي ڏني وئي ته منصوبي جي نظرثاني ٿيل لاڳت ۾ حڪومتي حصو 103 ارب رپين جو ٿيندو، جنهن مان ساڍا 9 ارب رپيا ڪيپيٽل وي جي ايف جي طور تي، 30 ڪروڙ رپيا اين ايڇ اي اسٽيبلشمينٽ چارجز ۽ 50 ڪروڙ رپيا ايمرجنسي طور رکيا ويا. منصوبي جي منظوري ضابطه اخلاق جي مڪمل ٿيڻ ۽ قومي اسيمبلي طرفان قانونسازي جي منظوري سان مشروط آهي، ايڪنڪ 17 ارب 37 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جي ماليت جي لاهور-سيالڪوٽ موٽر وي لنڪ هاءِ وي (04 لين) جي تعمير واري منصوبي جي به منظوري ڏني.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button