سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ سماجي تنظيم پاران ماحولياتي مسئلن بابت سبز انقلاب جي عنوان هيٺ سيمينار

لاڙڪاڻي ۾ وڻڪاري بابت آگاهي مهم هلائيندڙ سماجي تنظيم لاڙڪاڻه گرين اسٽاز طرفان ماحولياتي مسئلن جي حل سبز انقلاب جي عنوان هيٺ شهر جي مقامي هوٽل ۾ سيمينار منعقد ڪيو ويو. ان موقعي تي سيمينار کي خطاب ڪندي لاڙڪاڻه گرين اسٽار جي سرواڻ ذوالفقار مگسي، فدا حسين کوکر، مظفر علي شاهاڻي ۽ ٻين چيو ته موجوده سخت ماحولياتي حالات ۽ موسمي اثرن جو حل سبز انقلاب آهي، هنگامي بنيادن تي شجرڪاري، اربن فاريسٽ، گرين بيلٽ سان گڏ جنگلن جي بحالي ضروري آهي، ڏينهون ڏينهون تبديل ٿيندڙ موسمي حالات، ماحولياتي آلودگي ۽ وڌندڙ گرمي خطري جي گهنٽي آهي. هنن چيو ته موسمي اثر، گهڻيون برساتون، لينڊ سلائيڊنگ، ٻوڏ، پاڻي جي کوٽ جهڙن مسئلن جي حل لاءِ شجرڪاري جي ايمرجنسي نافذ ڪئي وڃي ته جيئن وڻن سان زرعي پيدار ۽ ماحول کي بچايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button