سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ ڳيريلو واسين جو بااثرن ۽ پوليس جي ڏاڍ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ تعلقي باقراڻي جي ڳيريلو واسين معصوم ٻارڙن سان گڏجي بااثرن ۽ پوليس جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. پورهيت نوجوان الھبچايو عرف بگو چنو پيرسن والد غوث بخش چنو ۽ ٻارڙن سان گڏجي دانهيندي الزام لڳايو ته پهرين جولائي تي پاڙي جي رهواسي بااثر سرور گاڏهي ٽن هٿياربندن سان گڏجي گهر تي چڙهائي ڪري مون سميت ڀاءُ افضل چنو کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي 13 هزار روڪ ۽ موبائيل فون ڦري ويا. واقعي جي ايف آءِ آر ڳيريلو ٿاڻي تي ڄاڻايل بااثرن خلاف داخل ڪرائي، پر پوليس ڳري رشوت وٺي ڪا ڪارروائي نه ڪئي، جنهن ڪري بااثر سرور گاڏهي ڪورٽ مان ضمانت ڪرائي ورتي آهي. هن چيو ته جوابدار ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪائي رهيو آهي،جنهن مان خطرو آهي. هنن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي بااثر جي ضمانت رد ڪري کيس سزا ڏئي انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button