سنڌ

ڪنڌڪوٽ ويجهو ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ويگن ڪلٽي، 2 ڄڻا فوت، 15 زخمي

ڪنڌڪوٽ ويجهو تيز رفتار مسافر ويگن ڪلٽي ٿيڻ سبب ڊرائيور سميت 2 ڄڻا فوت، عورتن ۽ ٻارڙن سميت 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا. غوثپور وٽ مڇي ٻندو ويجهو ڪنڌڪوٽ کان سکر ويندڙ مسافر ويگن تيز رفتاري دوران ٽائر برسٽ ٿيڻ ڪري گاڏي ڪلٽيون کائيندي روڊ کان ھيٺ کڏ ۾ ڪري پئي. حادثي ۾ ڊرائيور غلام ياسين ملڪ ۽ مسافر محمد يوسف کوسو ٿڏي تي فوت ٿي ويا. گاڏي ۾ سوار 15 کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿي پيا. زخمين ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن، پوليس ۽ مقامي ماڻھن امدادي ڪم ڪندي زخمين ۽ فوتين کي کڻائي سول اسپتال ڪنڌڪوٽ آندو. زخمين ۾ ٽن ڄڻن جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي. زخمين ۾ جتني، ڪامران، غلام اصغر، انور گولو، خير محمد بنگوار، علي شير، عبدالباقي، ڌڻي بخش، اعظم، گھرام، بخش علي، يوسف ۽ ٻيا شامل آهن. اسپتال ۾ ايمرجنسي جي صورتحال دوران به ڊاڪٽر نه آيا ۽ بجلي بند ھجڻ ڪري زخمين جي علاج ۾ عملي کي پريشاني مان گذرڻو پيو. فوتين جا لاش ضروري قانوني ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا. لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو، جڏهن ته مسافر ويگن مڪمل طور تباهه ٿي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button