سنڌ

ڪرمپور واسي مغوي پورهيت راڄوڻي ڪوششن بعد بازياب

ڪرمپور واسي پورهيت گلاب باگڙي کي راڄوڻي ڪوششن ذريعي هڪ هفتي بعد بازياب ڪرايو ويو. گلاب باگڙي کي هفتو اڳ هٿياربندن ڳڙھي تيغو واري علائقي مان اغوا ڪيو هو. گلاب باگڙي موٽرسائيڪل تي ڳوٺن ۾ قلفي کپائي گذارو ڪري ٿو، جيڪو ڳڙھي تيغو واري علائقي ۾ قلفي کپائڻ ويو جتان هٿياربند کيس اغوا ڪري ويا هئا. وارثن علائقي جي چڱن مڙسن معرفت راڄوڻي ڪوششون شروع ڪيون جنهن ذريعي مغوي جي بازيابي عمل ۾ آئي. ناپرڪوٽ پوليس ۽ وارثن پورهيت گلاب باگڙي جي بازيابي جي تصديق ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button