سنڌ

باقراڻي ويجهو موٽرسائيڪل ڦر، ٽيئي ڦورو ڳوٺاڻن هٿان سوگها

باقراڻي ويجهو مگسي بچا بند وٽ ٽن موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن ڳوٺ شير محمد سامٽيو جي رهواسي ڳوٺاڻي جاڙل ٽڳڙ کان موٽر سائيڪل ڦري سندس ئي ڳوٺ طرف فرار ٿيا ته ڳوٺاڻي پنهنجي ڳوٺ فون ڪري اطلاع ڏنو، جنهن تي ڳوٺ شير محمد سامٽيو جي ڳوٺاڻن ڦورن جو اڳ وٺي مڙسي ڪري ٽنهي موٽر سائيڪل سوار ڦورن کي پڪڙي ورتو ۽ کانئن ڦر ٿيل موٽر سائيڪل سميت ٻه موٽر سائيڪلون پڪڙي ورتيون. ڳوٺاڻن پڪڙيل ڦورن کي ڪٽڪو ڏئي پوليس حوالي ڪيو. باقراڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ جاڙل ٽڳڙ جي فرياد تي 3 جوابدارن شڪيل شيخ، وسيم شيخ ۽ ريحان شيخ مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button