اسلام آبادپاڪستان

سڄي دنيا مان امدادي سامان کڻي 35 اڏامون پهچي چڪيون آهن:پاڪستان

اسلام آباد :پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرن جي امداد لاءِ سڄي دنيا مان هاڻي تائين امدادي سامان کڻي 35 اڏامون پاڪستان پهتيون آهن. سڀ کان وڌيڪ گڏيل عرب امارتن مان 14 اڏامون آيون آهن. آچر ڏينهن پرڏيهي آفيس طرفان جاري ڪيل تفصيلن مطابق گڏيل عرب امارات ۽ ترڪي مان پهرين اڏام 28 آگسٽ تي پاڪستان پهتي. گڏيل عرب امارات مان 29 آگسٽ تي 2، 30 آگسٽ تي 2، 31 آگسٽ 2، پهرين، ٻي ۽ ٽين سيپٽمبر تي پڻ 2-2 جڏهن ته 4 سيپٽمبر تي هڪ اڏام آئي. ترڪي مان 28-29 آگسٽ تي 2-2، 30 آگسٽ تي 3، 31 آگسٽ تي 2، پهرين سيپٽمبر تي هڪ جڏهن ته 3 سيپٽمبر تي پڻ هڪ اڏام آئي. ترڪي مان ڪل 11 اڏامون اچي چڪيون آهن. چين مان هاڻي تائين 4 اڏامون امدادي سامان کڻي آيون آهن جن ۾ 30 آگسٽ تي 2، ۽ 31 آگسٽ تي 2 اڏامون پاڪستان آيون. ازبڪستان مان پهرين سيپٽمبر تي هڪ، قطر مان 2 سيپٽمبر 2 ۽ 4 سيپٽمبر تي هڪ جڏهن ته فرانس مان 3 سيپٽمبر تي هڪ، يونيسيف مان 4 سيپٽمبر تي هڪ اڏام امدادي سامان کڻي پاڪستان پهتي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button