اسلام آبادپنجاب

پرويز الاهي اعتماد جو ووٽ نه ورتو، آئيني طور تي هاڻ وڏو وزير ناهي رهيو:گهرو وزير

گهرو معاملن جي وفاقي وزير راڻا ثنا الله چيو آهي ته پنجاب اسيمبلي مان اعتماد جو ووٽ نه وٺڻ ڪري آئيني طور تي پرويز الاهي هاڻ وڏو وزير ناهي رهيو، جيڪڏهن ڪنهن به صوبي ۾ وزيراعليٰ اعتماد جو ووٽ وٺڻ ۾ ناڪام ٿئي ته سندس حيثيت نٿي رهي. لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته پنجاب جي گورنر وڏي وزير کي اعتماد جو ووٽ وٺڻ لا چيو هو پر هن اربع تي اعتماد جو ووٽ نه ورتو، ان ڪري آئين تحت پرويز الاهي هاڻ پنجاب جو وڏو وزير نه رهيو آهي. گورنر پنجاب طرفان نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ صرف رسمي ڪارروائي آهي. گهرو وزير چيو ته پنجاب جو گورنر آئين تحت پنهنجن اختيارن جو استعمال ڪري رهيو آهي. جيئن ئي پنجاب جو گورنر آرڊر جاري ڪندو ان تي عمل ڪرائينداسين، فيصلي تي عمل نه ٿيڻ جي صورت ۾ گورنر وفاقي حڪومت کي صوبي ۾ گورنر راڄ لڳائڻ جو چئي سگهي ٿو. هن چيو ته گورنر هائوس ٻاهران پي ٽي آءِ وارن هنگامو ڪيو ته ان جو به بندوبست ٿيل آهي، صدر ۽ وزيراعظم جي هدايتن کان سواءِ ڪير به ڪارروائي نٿو ڪري سگهي. نئين وڏي وزير جي چونڊ لاءِ گورنر کي شيڊول به ڏيڻو پوندو. هڪ سوال جي جواب ۾ راڻا ثناءُالله چيو ته اسان چونڊن کان فرار ٿيڻ جي ڪابه ڪوشش ناهي ڪئي، چونڊن جون تياريون ڪري رهيا آهيون. نوازشريف جي ملڪ واپسي لاءِ تاريخون ڏيڻ مناسب نٿو سمجهان. نوازشريف اسان جو اڳواڻ آهي. هن کي جڏهن ملڪ واپس اچڻو هوندو هو پاڻ کي تاريخ ڏيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button