پاڪستان

عمران خان جو منصوبو ناڪام، پنجاب ۽ خيبر پختونخوا اسيمبليون برقرار

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان جو منصوبو ناڪام ٿي ويو، پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جون صوبائي اسيمبليون اڄ نه ٽٽنديون، پي ٽي آ ارادو ايندڙ مهيني تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ڪجهه ڏينهن اڳ اعلان ڪيو هو ته پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جون اسيمبليون 23 ڊسمبر جمع جي ڏينهن ٽوڙيون وينديون پر پنجاب ۾ وڏي وزير خلاف بي اعتمادي رٿ پيش ٿيڻ بعد معاملو رولڙي ۾ پئجي ويو آهي. ان حوالي سان پنجاب اسمبلي جي اسپيڪر سبطين خان چيو آهي ته جمعي تي پنجاب اسمبلي ٽٽي ئي نٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته بي اعتمادي رٿ پيش ٿي چڪي آهي، اڃا ان جا نوٽيس جاري ٿيندا، تنهن ڪري اهو معاملو جنوري جي پهرين هفتي تائين ويندو. لاهور ميڊيا سان ڳالهائيندي اسپيڪر چيو ته مون جيڪو حلف ورتو آهي ان تي قائم آهيان، وڏي وزير کي بچائڻ منهنجو ڪم ناهي، حڪومت ڄاڻي ۽ سندس ڪم ڄاڻي، آئون هن ايوان جو ڪسٽوڊين آهيان، هر ڪو پنهنجي آئيني دائري ۾ رهي ڪم ڪري، گورنر غيرقانوني آرڊر پاس نه ڪري، جيڪڏهن گورنر آئيني اداري جي نمائندگي ڪري رهيو آهي ته اسپيڪر به آئيني اداري جو ئي نمائندو آهي. اسپيڪر موجب هن گورنر کي خط لکي بي اعتمادي رٿ ۽ اعتماد واري ووٽ بابت لکيو آهي پر پرويزالاهي تي الزامن جو تعلق گورنر سان ناهي، ڪنهن کي وزارت ڏيڻ يا نه ڏيڻ گورنر جو مسئلو ناهي، گورنر هلندڙ اسيمبلي سيشن دوران نئون سيشن نٿو گهرائي سگهي، گورنر جي خط جو جواب ڏئي ڇڏيو آهي. سبطين خان چيو ته صدر کي خط لکڻ وارو معاملو في الحال روڪي ڇڏيو آهي، جڏهن اهو وقت آيو ته موڪلي ڇڏبو، بي اعتمادي رٿ اچي چڪي آهي، ان جي پراسيس ۾ وقت لڳندو، ان تي اڃا نوٽيس ٿيڻو آهي، بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ بعد اسيمبلي ٽٽندي، ٻاراڻي ڳالهه نه ڪن ۽ قانون کان هٽي ڪو ڪم نه ٿيندو، اسان چاهيون ٿا اسمبليون ٽوڙيون، اسان عوام وٽ وڃڻ چاهيون ٿا، جڏهن ته گورنر چاهي ٿو اسان عوام وٽ نه وڃون، ان لاءِ رڪاوٽون وجهي رهيو آهي، اسان ڏکيائين کي منهن ڏئي عوام وٽ وينداسين. ٻئي طرف پختونخوا جي وڏي وزير محمود خان چيو آهي ته صوبائي اسيمبلي ٽوڙڻ وارو فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي، پنجاب اسيمبلي جي صورتحال واضح ٿيڻ بعد پارٽي قيادت جي هدايتن تي عمل ڪندس. حيات آباد اسپورٽس ڪامپليڪس پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته تحريڪ انصاف پختونخوا اسيمبلي ٽوڙڻ وارو فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي، عمران خان پهرين پنجاب اسيمبلي جي مستقبل جو فيصلو ڪندو، اڃا پنجاب جي معاملي تي غور هلي رهيو آهي، پنجاب کانپو پختونخوا سيمبلي ٽوڙڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي، آئون پارٽي قيادت سان رابطي ۾ آهيان پر اڃا تائين عمران خان مون کي اسيمبلي ٽوڙڻ بابت ڪا به هدايت ناهي ڏني.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button