پاڪستانعالمي

وقت کان اڳ چونڊون ٿيون ته ادارن ۾ ويٺل سهولتڪار عمران خان کي کٽرائي سگهن ٿا:بلاول ڀٽو

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ادارن ۾ ويٺل سهولتڪار عمران خان کي چونڊون کٽرائي سگهن ٿا، عمران خان ان ڪري تڪڙيون چونڊون چاهي ٿو ته جيئن خاص هنڌن تي سندس حمايتي اليڪشن ۾ مدد ڪن ۽ ڌانڌلي ٿي سگهي، فوج جي ڪمان تبديل ٿيڻ بعد شايد اتي عمران خان جا سهولتڪار موجود نه هجن پر وقت کان اڳ چونڊون ٿيون ته ڪجهه ادارن ۾ سهولتڪار موجود رهندا، عمران کي اميد آهي ته اداري ۾ ويٺل ماڻهن کيس ڪيسن ۾ بچائي وٺندا. پاڪستان روانگي کان اڳ واشنگٽن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته جيڪڏهن وقت کان اڳ چونڊون ٿيون ته ڪجهه ادارن ۾ ويٺل سهولتڪار عمران خان کي اليڪشن ۾ ڪامياب ڪرائي سگهن ٿا، هو ڄاڻايل ادارن ۾ ويٺل سهولتڪارن مان اها اميد لڳائي ويٺو آهي ته اهي سندس خلاف ڪيس ۾ بچائي وٺندا، ان اداري ۾ ويٺل ماڻهو شايد ايترا نيوٽرل نه رهن ۽ عمران خان کي چونڊن ۾ سپورٽ ڪن، تنهن ڪري منهنجو موقف آهي ته پارليامينٽ پنهنجو مدو پوري ڪري. هن چيو ته عمران خان پابندي مڙهيل تنظيم ٽي ٽي پي سان ڳالهين لا افغان طالبان کان مدد گهري ته انهن سندس مدد ڪئي، آئون افغان طالبان کي چوان ٿو ته اسان کي ٽي ٽي پي خلاف ڪارروائي ۾ مدد فراهم ڪريو ۽ انهن کي پاڻ وٽ جڳهه نه ڏيو، رڳو افغان طالبان نه پر افغانستان ۾ جيڪو به حڪومت ۾ هوندو ان کان منهنجي اها ئي اپيل هوندي، منهنجي خيال ۾ هاڻي اهو مناسب هوندو ته اسان افغان طالبان سان ڳالهيون ڪريون ۽ اهو ئي پيغام موڪليندا رهون ته ٽي ٽي پي پاڪستان لا ريڊ لائن آهي، جنهن خلاف اسان پنهنجي سرزمين تي سخت ايڪشن کڻنداسين ۽ ڪارروائي ڪري به رهيا آهيون. اسان پنهنجي پاڙيسري ملڪ مان اميد رکون ٿا ته هو دهشتگرد گروپن خلاف ڪارروائي جي اميد ۽ صلاحيت ڏيکاريندو. پاڪستاني سفارتخاني ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته تحريڪ پاڪستان طالبان کي جيڪڏهن افغانستان مان مدد يا سهولت فراهم ڪئي وئي ته اهو پاڪستان يا افغانستان جي لاڳاپن لاءِ خراب ٿيندو، پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سڀ کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون آهن، خطي جو امن افغانستان جي امن سان مشروط آهي، پاڪستان خطي جي امن لا سڀ کان اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته افغان طالبان سان ڳالهيون هاڻي به ڪري سگهجن ٿيون، اسان واضح ڪري چڪا آهيون ته تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) پاڪستان لاءِ ريڊ لائن آهي ۽ اسان پنهنجي سرزمين تي ان خلاف سخت ڪارروائي ڪري رهيا آهيون، افغانستان سان ڳالهه ضرور ڪرڻ گهرجي پر ڳالهيون ڪرڻ جو اهو مطلب نه آهي ته اسان ان جي پاليسي جي توثيق ڪريون ٿا، جيڪڏهن ثابت ٿي وڃي ته افغان طالبان ٽي ٽي پي کي نه روڪي رهيا آهن ته ان ڳالهه کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. افغان طالبان کي چيو آهي ته جيڪڏهن ٽي ٽي پي کي نه روڪيو ويو ته اسان جا لاڳاپا سٺا نه ٿيندا، جيڪڏهن افغان طالبان شدت پسندن خلاف ڪارروايون ڪندا ته اسان جا لاڳاپا بهتر نه هوندا. جيڪڏهن ضرورت هجي ته آئون مدد فراهم ڪندس. بلاول وڌيڪ چيو ته آمريڪا سان دهشتگردي خلاف سهڪار جو ڪو به نئون معاهدو ناهي ڪيو ويو، افغانستان جا فنڊ طالبان لاءِ نه پر افغان عوام لاءِ آهن، پاڪستان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ آمريڪا سان سهڪار جو واعدو ڪيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي وزير چيو ته آمريڪا ۾ سفارتخاني جي عمارت کي وڪڻڻ گهرجي، عمارت جي حالت خراب آهي، ٽيڪس ۽ ٻيا خرچ ڀلي وڌيڪ هجن پر مان هوٽل وڪرو ڪرڻ جي حق ۾ نه آهيان. پاڪستان ۾ چونڊن بابت سوال تي بلاول چيو ته چونڊون پنهنجي مقرر وقت تي ٿينديون، عمران خان هڪ خاص سبب جي ڪري چاهي ٿو ته جلد چونڊون ٿين ته جيئن خاص هنڌن تي سندس حمايتي چونڊن ۾ مدد ڪن ۽ ڌانڌلي ٿي سگهي، ادارا ٽڪراءَ کان وٺي آئيني ڪردار تائين پهتا آهن پر ڪجهه سياستدان آهن جيڪي نفرتون پکيڙي رهيا آهن ۽ سياسي اختلافن کي دشمني جو رنگ ڏئي رهيا آهن. ٻئي طرف واشنگٽن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته خيبر پختونخوا ۾ دهشتگردي عمران خان جي پاليسين سبب ڦهلجي آهي، تحريڪ انصاف جي حڪومت صوبي تي ڌيان ڏنو هجي ها ته اڄ اهڙيون حالتون نه هجن ها، ڪا به سياسي پارٽي ۽ ادارو عمران خان جي بليڪ ميلنگ ۾ نه ايندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button