
سپريم ڪورٽ ڪينيا ۾ قتل ڪيل سينيئر صحافي ارشد شريف جي معاملي تي پاڻمرادو نوٽيس شنوائي لا مقرر ڪري ڇڏيو آهي، چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بئنچ 5 جنوري تي شنوائي ڪندو، ان حوالي سان سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، جنهن موجب لارجر بينچ 5 جنوري تي منجهند هڪ وڳي ڪيس جي شنوائي ڪندو. واضح رهي ته سپريم ڪورٽ ارشد شريف قتل ڪيس جي خاص جي آءِ ٽي کان اڳڀرائي رپورٽ پڻ طلب ڪئي آهي.