سنڌ

هالا ڀرسان کوهه کوٽيندي ڀڪ ڪري پئي، 3 پورهيت دٻجي فوت

هالا ڀرسان کوهه کوٽيندي 3 پورهيت دٻجي فوت ٿي ويا آهن. خبر موجب هالا جي ڳوٺ سعيد خان لغاري ۾ پورهيت پراڻي کوھه مان سرون ڪڍي رهيا هئا ته اوچتو مٽيءَ جي ڀڪ سندن مٿان ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ اعجاز لغاري، اسد لغاري ۽ داون لغاري مٽي هيٺان دٻجي ويا. اطلاع تي ڳوٺاڻا ۽ ڀرپاسي جي علائقن جا سوين ماڻهو واقعي واري هنڌ پهتا، جن پنهنجي مدد پاڻ تحت وڏي جدوجهد بعد پورهيتن کي مٽي جي ڍير هيٺان ڪڍي تعلقي اسپتال ھالا پهچايو، جتي ڊيوٽي ڊاڪٽر ٽنهي ڄڻن اعجاز، داون ۽ اسد لغاري جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، جنهن بعد فوتين جا لاش وارثن جي حوالي ڪيا ويا، جڏهن ته فوتين جي گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو. پورهيتن جا مڙهه اباڻي قبرستان ۾ سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيا ويا، جڏهن ته ڳوٺ ۾ ماحول سوڳوار آھي. ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته پورهيت مزدوري ڪري رهيا هئا ته ڀِڪ ڪرڻ سبب دٻجي ويا، جن کي اسپتال پهچايو ويو پر سندن حياتي بچي نه سگهي. ٻئي طرف واقعي واري هنڌ دير سان پهتل مختيارڪار ھالا نصرالله چيو ته مونکي جيئن ئي خبر پئي ته هتي پھتو آھيان، ڊي سي مٽياري ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ھالا ھا ڪورٽ ويل آھن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button