اسلام آبادپاڪستان

اعظم سواتي جي نيٺ ضمانت منظور، پٽ بي اعتمادي جي اظهار طور لکيل خط واپس وٺي ڇڏيو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تڪراري ٽوئيٽ ڪرڻ واري ڪيس ۾ تحريڪ انصاف جي سينيئر گرفتار سينيٽر اعظم سواتي جي ضمانت منظور ڪري کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. اسلام آباد ها ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي اعظم سواتي جي گرفتاري کان بعد واري ضمانت درخواست منظور ڪئي ۽ کيس 2 لک رپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جي هدايت پڻ ڪئي آهي، جڏهن ته اعظم سواتي جي پٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس تي بي اعتمادي جي اظهار وارو خط به واپس وٺي ڇڏيو آهي. اعظم سواتي جي ضمانت درخواست تي شنوائي دوران عثمان سواتي چيو ته منهنجي والد هڪ خط لکيو هو، جيڪو عدالت جي اجازت سان پڙهڻ چاهيان ٿو. چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته خط عدالت جي آڏو موجود آهي، هن معاملي کي هميشه لاءِ طئي ڪرڻ چاهيون ٿا، ان تي لارجر بئنچ جوڙينداسين. اعظم سواتي جي وڪيل بابر اعواڻ چيو ته مون درخواست ڪئي آهي ته اهو خط واپس ورتو وڃي، جنهن تي اعظم سواتي جي پٽ خط واپس وٺي ڇڏيو. واضح رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تڪراري ٽوئيٽ ڪيس ۾ فيصلو محفوظ ڪيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button