اسلام آبادپاڪستان

قومي سلامتي ڪميٽي ۾ اهم فيصلا، دهشتگردن خلاف وڌيڪ آپريشن ڪرڻ جي منظوري

قومي سلامتي ڪميٽي ملڪ دشمن سرگرمين ۾ ملوث ماڻهن سان ڪا به رعايت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، جڏهن ته دهشتگردن خلاف وڏا آپريشن ڪرڻ جي منظوري پڻ ڏني وئي آهي. وزيراعظم جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي اهو فيصلو پڻ ڪيو آهي ته ملڪ دشمن ايجنڊا کي اڳتي وڌائيندڙ سوشل ميڊيا اڪائونٽن تي نظر رکي ويندي، معيشت کي نشانو بڻائيندڙ سوشل ميڊيا اڪائونٽن خلاف لاڳاپيل ادارن کي ترت ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت جاري ڪئي وئي. تفصيل موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس جو ٻيو دور ڪالهه پڄاڻي تي پهتو، جنهن ۾ ملڪ جي سلامتي بابت اهم فيصلا ڪيا ويا. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن بلاول ڀٽو زرداري، خواجا آصف، اسحاق ڊار، راڻا ثناءُ الله، مريم اورنگزيب، سروسز چيفس ۽ انٽيليجنس ادارن جي سربراهن به شرڪت ڪئي، جڏهن ته ڊي جي آءِ بي ۽ ڊي جي ايف آءِ اي خصوصي دعوت تي شريڪ ٿيا. ذريعن موجب قومي سلامتي ڪميٽي امن دشمن عنصرن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ تي اتفاق ڪندي ملڪ دشمن سرگرمين ۾ ملوث ماڻهن سان ڪابه رعايت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو. ٽن ڪلاڪن تائين جاري رهندڙ اجلاس ۾ ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ مختلف فيصلن جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ ملڪ جي معاشي ۽ امن امان جي صورتحال، ٽي ٽي پي جي دهشتگرد ڪاررواين ۽ ملڪ جي مختلف علائقن ۾ حملن سميت پاڪ- افغان سرحدي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا ۾ دهشتگردي جي تازن واقعن جي حوالي سان آگاهي ڏني وئي جنهن بعد گڏيل طور دهشتگردن خلاف وڌيڪ آپريشن ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. ناڻي واري وزير اسحاق ڊار اجلاس ۾ ملڪ جي معاشي صورتحال تي بريفنگ ڏني ۽ گذريل اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي منظوري ڏني وئي، معاشي پاليسين جي حوالي سان جلد پڌرائي جاري ڪئي ويندي. اجلاس ۾ شريڪ سول ۽ عسڪري عملدارن چيو ته دهشتگردي خلاف چٽو موقف اختيار ڪيو وڃي، پاڪستان جي رٽ کي هر هر چئلينج ڪيو وڃي ٿو، جنهن ۾ ملوث عنصرن کي سختي سان منهن ڏنو وڃي، ملڪ دشمن ايجنڊا کي اڳتي وڌائيندڙ سوشل ميڊيا اڪائونٽن تي ڪرڙي اک رکي ويندي، جڏهن ته ادارا معيشت کي نشانو بڻائيندڙ سوشل ميڊيا اڪائونٽن خلاف ترت ڪارروائي ڪن. اجلاس ۾ اهو عزم پڻ ورجايو ويو ته ڪنهن کي به ملڪ جو امن امان خراب ڪرڻ نه ڏنو ويندو، جڏهن ته نيشنل ايڪشن پلان تي مڪمل عملدرآمد لا صوبن سان صلاح مشورو بهتر ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button