اسلام آبادپاڪستان

اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊن بابت حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن جون انٽرا ڪورٽ اپيلون منظور

اسلام آباد ها ڪورٽ مڪاني چونڊن بابت حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن جي انٽرا ڪورٽ اپيلن کي شنوائي جوڳو قرار ڏئي ڌرين کان 9 جنوري تي جواب طلب ڪري ورتو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سنگل بئنچ جي فيصلي خلاف انٽرا ڪورٽ اپيلن تي فيصلو محفوظ ڪيو، جيڪو ٿوري دير ۾ ٻڌايو ويو. اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊن بابت انٽرا ڪورٽ اپيل جي شنوائي ها ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس ثمن رفعت امتياز تي ٻڌل 2 رڪني بئنچ ڪئي. عدالت ۾ وفاقي حڪومت طرفان ايڊيشنل اٽارني جنرل، ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد ۽ ڊپٽي اٽارني جنرل ارشد محمود ڪياني پيش ٿيا. جسٽس عامر فاروق ريمارڪس ڏيندي چيو ته حڪومت آخري وقت تي بل آندو، حڪومت اهو سڀ ڪجهه اڳ ۾ به ڪري پئي سگهي، سڀني کي پنهنجو ڪم قانون جي دائري ۾ رهي ڪرڻو آهي، اسان غور ڪري رهيا آهيون ته آئيني باڊيز کي هدايتون ڏئي سگهون ٿا يا نه؟ جسٽس عامر فاروق چيو ته اليڪشن ڪميشن هڪ فيصلو ڪيو، جنهن کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو، عدالت کي فيصلو ميرٽ تي ڏسڻو آهي. اليڪشن ڪميشن جي ڊي جي قانون عدالت کي ٻڌايو ته اليڪشن ڪميشن 27 ڊسمبر تي بلدياتي چونڊون ملتوي ڪيون، 28 ڊسمبر تي يونين ڪائونسلن بابت فيصلو ڏنو ويو. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل پارليامينٽ مان يونين ڪائونسلن ۾ واڌ جو بل پاس ٿيڻ جو ٻڌايو ته هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته اهو بل ته اڃا ايڪٽ بڻيو ئي ناهي، سوال اهو آهي ته فقط هڪ بل جي بنياد تي ته چونڊون ملتوي نٿيون ٿي سگهن، ڇا 27 ڊسمبر تي صدر بل تي صحيح ڪئي هئي؟ جنهن تي اليڪشن ڪميشن جي وڪيل نهڪار ۾ ورندي ڏني. ايڊيشنل اٽارني جنرل 19 ڊسمبر تي نوٽيفڪيشن چئلينج نه ٿيڻ جو موقف اختيار ڪيو ته جسٽس عامر فاروق چيو ته نوٽيفڪيشن چئلينج ٿيو آهي، پٽيشن عدالت جي سامهون آهي، اليڪشن ڪميشن ۽ وفاق ڪيس لاءِ تيار نه آهن، بي بنياد قسم جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن، جسٽس عامر فاروق وڌيڪ ريمارڪس ڏنا ته هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي هدايتون جاري نٿي ڪري سگهي، اهو اصول تحريڪ انصاف جي پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ طئي ٿيو هو. چيف جسٽس ها ڪورٽ پڇاڻو ڪيو ته جيڪڏهن اوچتو چونڊون ملتوي ٿي وڃن ته قانون ڇا ٿو چوي؟ جيڪڏهن چونڊون نين تڪبندين مطابق ڪرائجن ته ڪيترو وقت لڳندو؟ عدالت اهو نٿي چوي ته سڀاڻي ئي چونڊون ڪرايو پر ان لا مناسب وقت ڏنو وڃي، جنهن تي ڊي جي قانون ٻڌايو ته نين تڪبندين لاءِ 120 ڏينهن گهربل هوندا. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته چئلينج ڇو نه ڪيو ويو؟ درخواست ۾ انهي نوٽيفڪيشن بابت واضح طور تي لکيل هو. عدالت پڇاڻو ڪيو ته اڄ جي موجوده قانون ۾ هاڻي اليڪشن ڪميشن کي نئون شيڊول ئي ڏيڻو آهي نه، ڇا اليڪشن ڪميشن 101 يونين ڪائونسلن تي چونڊن لاءِ تيار آهي؟ جنهن جي جواب ۾ اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته جيڪڏهن 101 يوسيز ۾ چونڊون ٿين ٿيون ته پوءِ اسان کي رڳو نئون شيڊيول ڏيڻو آهي. شنوائي بعد اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف جي علي نواز اعواڻ، جماعت اسلامي جي ميان سلم ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 9 جنوري تي جواب طلب ڪري ورتو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button