پاڪستانپنجاب

پنجاب اسيمبلي ۾ نواز ليگ جو يو ٽرن، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر خلاف بي اعتمادي رٿ واپس وٺي ڇڏي

نواز ليگ وڏو يو ٽرن وٺندي نمبر پورا نه هجڻ تي پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر سبطين خان ۽ ڊپٽي اسپيڪر واثق قيوم خلاف بي اعتمادي رٿ واپس وٺي ڇڏي آهي، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر بي اعتمادي واري آزمائش مان نه گذرندا. ذريعن موجب پنجاب اسيمبلي ۾ مسلم ليگ (ن) ووٽن جي گهٽتائي سبب بي اعتمادي رٿ تان هٿ کڻي ورتو آهي. واضح رهي ته پنجاب اسيمبلي ۾ نواز ليگ ۽ اتحادي پارٽين اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر خلاف بي اعتمادي جي رٿ جمع ڪرائي هئي. اپوزيشن اتحاد پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي خلاف بي اعتمادي واري رٿ پڻ واپس وٺي چڪو آهي. ٻئي طرف پنجاب اسيمبلي جو اجلاس ايندڙ هفتي 11 بدران 9 جنوري تي طلب ڪيو ويو آهي. اسيمبلي سيڪريٽريٽ ايندڙ اجلاس بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب اسيمبلي جو اجلاس 11 جنوري بدران 9 جنوري تي منجهند 2 وڳي ٿيندو. ٻئي طرف پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر سبطين خان چيو آهي ته آئيني ۽ قانوني پيچيدگيون حل ڪرڻ بعد ئي اسيمبلي ٽوڙينداسين. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته عمران خان اسيمبليون نه ٽوڙڻ جي حوالي سان ڪا به ڳالهه ناهي ڪئي ۽ نه ئي اسان جي اهڙي نيت آهي، اسيمبليون ضرور ٽوڙينداسين، عمران خان جڏهن به چوندو تڏهن عمل ڪنداسين، اسان جا نمبر پورا آهن، اسان جي ايم پي ايز کي ڪير لڪائڻ چاهي تڏهن به لڪائي نٿو سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button