عالمي

دبئي جي حڪومت شراب تي 30 سيڪڙو ٽيڪس ختم ڪري ڇڏيو

دبئي جي حڪومت ملڪ ۾ سياحت کي هٿي ڏيڻ لاءِ شراب تي 30 سيڪڙو ٽيڪس ختم ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي ذاتي شراب جا لائسنس به مفت ۾ دستياب هوندا. يو اي اي ۾ قانوني طور تي شراب پيئڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 21 سالن جي ڄمار جو هجڻ لازمي هوندو آهي، تازو قدم دبئي کي پاڙيسري ملڪن جي ڀيٽ ۾ پرڏيهين لاءِ وڌيڪ پرڪشش بڻائڻ لا کنيو ويو آهي. عرب ميڊيا مطابق دبئي ۾ شراب پيئڻ جو لائسنس به مفت ڪيو ويو آهي، ان کان اڳ شراب جا خريدار 30 سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪندا هئا، شراب پيئڻ جو ساليانو لائسنس 270 درهم (16 هزار رپيا) ۾ ملندو هو ۽ لائسنس کي هر سال ري نيو پڻ ڪرائڻو پوندو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button