سنڌ

قومي عوامي تحريڪ جا سرداري ۽ جاگيرداري نظام خلاف مظاهرا،ريليون

قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي سرداري ۽ جاگيرداري نظام خلاف مختلف شھرن ۾ ٻئي ڏينھن به ريليون ۽ مظاھرا ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ مورو ۾ قومي عوامي تحريڪ جي آفيس کان نازڻ عالماڻي، اللہ ڏنو سومرو، سجاد سومرو، نزاڪت سنڌي ۽ ٻين ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاھرو ڪيو. تلھار ۾ امجد لغاري، گيانچند مھيشوري، اعجاز احمداڻي، آصف ٽالپر، غلام نبي چانڊيو، ميھار ريٻاري ۽ ٻين مظاھرو ڪيو. ڪوٽ غلام محمد ۾ شوڪت نوحاڻي، ڪرڙ ريٻاري، رازو ڪولهي ۽ مقصود ڀرڳڙي جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو. ميرپور بٺورو ۾ اشرف پليجو، ڪامريڊ يوسف ڪنڀار، زين سومرو، علي رضا خاصخيلي ۽ ٻين مظاهرو ڪيو. ٻيراڻي ۾ خادم حسين ڪٽوهڙ، عاشق ڪٽوهڙ جي اڳواڻي ۾ مظاھرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته پيپلزپارٽي هٿ وٺي سنڌ کي وڏيرن سردارن ۽ جاگيردارن حوالي ڪري ڇڏيو آهي، جيڪي ذاتي ۽ اقتداري مفادن خاطر سنڌ ۽ سنڌين کي غلام ڪري ويٺا آھن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button