سنڌ

سيالڪوٽ واقعي سان اسلام لا سٺو پيغام نه ويندو:مولابخش چانڊيو

پ پ سينيٽر مولابخش چانڊيو چيو آهي ته آ ايم ايف جي شرطن تي عمل کانپو حڪومت جو اسٽيٽ بئنڪ تي اثر نه رهندو، هنن کي ايترو قرض وٺڻ تي ٻڏي مرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه لطيف آباد ۾ منعقد ثقافتي پروگرام دوران خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ اهڙي بدنصيب حڪومت آئي آهي، جنهن جا نمائندا سنڌ ۾ اچي سنڌ کي گاريون ڏين ٿا، هڪ وفاقي وزير ڪالهه ڪراچي ۾ اچي گاريون ڏنيون، جنهن لا راڻا ثناالله سٺي ڳالهه ڪئي آهي، پر آئون ان وزير بابت نٿو ڳالهائڻ چاهيان. هن چيو ته هنن جي بدنصيب حڪومت جي مقدر ۾ تعريفون ناهن لکيل. هن سيالڪوٽ واقعي تي ڳالهائيندي چيو ته هي واقعو قابل مذمت آهي، سيالڪوٽ واقعي سان اسلام لا سٺو پيغام نه ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button